Share this link via
Personality Websites!
473687
9250
حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ جي زنده ڪرامت آهي. مون حيرانگيءَ سان پڇيو: اهو ڪيئن؟ چيائين: هلو، هن جي زبان سان ئي ٻڌون ٿا. اسان ٻئي سندس ويجهو وياسين ۽ واقعو پڇيوسين، ته چيائين: 25 يا 30 سال اڳ جي ڳالهه آهي، مان اپاهج (يعني معذور) هيس، مان هلي نه سگهندو هيس، پر منهنجي عادت هئي ته جمعي جي نماز داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ جي مزار شريف جي ڀرسان واري مسجد ۾ ئي ادا ڪندو هيس. منهنجا پٽ مون کي وٺي ويندا هئا ۽ واپس به وٺي ايندا هئا. هڪ ڏينهن جمعو پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ حاضر هيس، اقامت ٿي رهي هئي، مون ڏٺو ته هڪ نوراني چهري وارا بزرگ منهنجي ويجهو بيٺا آهن. انهن فرمايو: تون بيهين ڇو نٿو؟ مون چيو: مان ته اپاهج آهيان، ڄنگهن کان معذور آهيان. انهن بزرگن زور سان منهنجو ٻانهون پڪڙي فرمايو: اُٿ...!! تون بلڪل ٺيڪ آهين. انهن جيئن ئي مون کي اٿاريو ته مان اٿي بيٺس، ڄڻ ته منهنجون ڄنگهون ڪڏهن بيمار هيون ئي نه. نماز کانپوءِ مون انهن بزرگن کي تمام گهڻو ڳوليو پر اهي مون کي نه مليا. ([1])
میں ہوں عصیاں کا مریض اور تم طبیبِ عاصِیَاں
ہو عطا مجھ کو گناہوں کی دوا داتا پیا!!([2])
هڪ نيڪ بزرگ گذريا آهن: ملا جمال تَلوِي. لاهور جا رهواسي هئا، کين داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ سان تمام گهڻي عقيدت هئي. 12 سالن تائين مسلسل سندن اهو معمول رهيو ته داتا حضور کي سلام ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا، چاهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami