Share this link via
Personality Websites!
473685
9250
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہ! * حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ به وليِ ڪامل هئا، * سيد زادا به هئا، * تمام وڏا عالم فاضل به هئا، * ولايت جي بلند درجن تي پهتل هئا. * پاڻ به پنهنجي مزارِ پاڪ ۾ زنده آهن، * چاهين ته پنهنجي چاهيندڙن کي ديدار سان به نوازيندا آهن ۽ * الله پاڪ جي عطا سان، ان جي ڏنل طاقت سان پنهنجي چاهيندڙن جون مشڪلاتون به آسان فرمائيندا آهن.
داتا حضور جو فيضان سڀني شهرن ۾
حضرت مجدد الف ثاني رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ فرمائن ٿا: منهنجي ويجهو لاهور شهر برصغير جي تمام شهرن ۾ قطب آهي، هن شهر جي خير و برڪت برصغير جي سمورن شهرن ۾ پکڙيل آهي. ([1])
بابا غلام فريد بٽالوي رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ هڪ بزرگ گذريا آهن، جيڪي ماضي قريب جا ئي آهن، گهڻا پراڻا نه آهن. سندن دل ۾اها خواهش هئي ته ڪنهن طرح الله پاڪ جو قرب ملي، باطن جي صفائي ٿئي ۽ دل جا دروازا کلي وڃن. انهي خواهش سان پاڻ عبادتون ڪندا هئا، رياضتون ڪندا هئا، بزرگن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا پر جيڪو مقصد هو اهو حاصل نه ٿيو. تمام گهڻو مايوس ٿيا، ايترا مايوس جو خودڪشي ڪرڻ جو ذهن بڻائي ورتائون، انهي مقصد لاءِ زهر به خريد ڪيائون.
پر الله پاڪ جي رحمت سان مٿن ڪرم ٿي ويو، ستا ته قسمت جاڳي پئي، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ بگڙي بڻائڻ لاءِ خواب ۾ تشريف کڻي آيا، سائين سان گڏ هڪ ٻيا بزرگ به موجود هئا. داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ بابا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami