Share this link via
Personality Websites!
473684
9250
ٿيا. حضرت عبد الله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمَا فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جن تشريف فرما هئا، ويجهو ئي حضرت اسماء بنت عميس رَضِىَ اللهُ عَنْهَا (حضرت جعفر جي بيوه) به موجود هئي. اوچتو سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جن سلام جو جواب ڏنو، جيتوڻيڪ اتي سلام ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ ڪنھن کي جواب ڏنو؟ ان جي وضاحت ڪندي فرمايو: اي اسماء! هي جعفر آهن جيڪي حضرت جبرائيل ۽ ميڪائيل عليهما السلام سان گڏ وڃي رهيا هئا، انهن مون کي سلام ڪيو. جعفر ٻڌايو ته جنگ دوران منهنجي جسم تي 73 زخم لڳا، مون اسلامي جهنڊو ساڄي هٿ ۾ کنيو ته هٿ ڪٽجي ويو، پوءِ کاٻي هٿ ۾ کنيو ته اهو به ڪٽجي ويو. الله پاڪ انهن هٿن جي بدلي مون کي 2 پَر عطا ڪيا آهن، جن سان مان ملائڪن سان گڏ اڏرندو آهيان ۽ جتي چاهيندو آهيان، لهندو آهيان. ([1])
امام حاڪم مستدرڪ ۾ روايت ڪئي آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هڪ رات مون جعفر کي ڏٺو، کيس ٻه پَر هئا ۽ هو ملائڪن جي هڪ جماعت سان گڏ اڏامي رهيو هو. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها فوت ٿي ختم نٿا ٿين، بلڪه اهي زنده آهن ۽ کين مختلف ذميواريون ڏنيون وڃن ٿيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہ! قرآنِ پاڪ ۽ احاديث مان اها ڳالهه ثابت آهي ته اولياءِ ڪرام پنهنجي پنهنجي مزارن ۾ زنده آهن، سندن روح مختلف ڪم سرانجام ڏين ٿا، جن مان هڪ ڪم پنهنجي عقيدتمندن جي مدد فرمائڻ به آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami