Share this link via
Personality Websites!
473682
9250
هن مقام تي اصل ۾ 5 صفتون آهن جن جو الله پاڪ قسم کنيو آهي. انهن مان 2 صفتون اسان ٻڌيون ته فرمايو: اڳتي وڌڻ وارن جو قسم! ۽ ڪائنات جو نظام هلائيندڙن جو قسم!
هتي هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته پوري ڪائنات جو نظام الله پاڪ ئي هلائي ٿو. ان جو شان اهو آهي ته هو ”ڪُن“ فرمائي هزارين جهان پيدا ڪري سگهي ٿو، هو ڪنهن جو محتاج ناهي، پر الله پاڪ پنهنجي قانون سان اهو نظام بڻايو آهي ته ڪنهن کي هن ڪائنات جي نظام جي سنڀال جون ذميواريون عطا فرمائي ٿو. جيئن ملائڪن کي مختلف ذميواريون ڏنيون ويون آهن، * ڪو ملائڪ مينهن وسائڻ تي مقرر آهي، * ڪو روح ڪڍڻ تي، * ڪنهن جي ذميواري جبلن تي آهي * ڪو سمنڊن ۽ دريائن تي مقرر آهي. غرض ته هي ربِّ ڪريم جو نظام آهي، هو جهڙي طرح چاهي ٿو ان کي هلائي ٿو.
هاڻي سوال هي آهي ته الله پاڪ فرمايو:
فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ(۴) فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵)
ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ (قسم آهي!) اڳتي وڌڻ وارن جو پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو. (پاره: 30، النازعات: 4 ۽ 5)
هن مقام تي اهي ڪهڙا خوش نصيب آهن، جن جو الله پاڪ قسم فرمايو آهي؟ اهي ڪير آهن جيڪي اڳتي وڌندڙ آهن؟ ۽ اهي ڪير آهن جن کي الله پاڪ ڪائنات جي نظام جي سنڀال جي ذميواري سونپي آهي؟ امام فخر الدين رازي، علامه محمود آلوسي، امام بيضاوي رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهُم ۽ ٻين ڪيترن ئي مفسرن فرمايو: هن مان مراد اولياءِ ڪرام جا اهي پاڪ روحَ به ٿي سگهن ٿا، جيڪي دنيا ۾ الله پاڪ جي قرب جا مشتاق رهيا، پوءِ جيئن ئي اهي پنهنجي جسمن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami