Share this link via
Personality Websites!
473698
9250
42 ۽ اسلامي ڀينرن کي تقريبن 38 مختلف اسلامي ڪورس ڪرايا ويندا آهن.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي پڄاڻي طرف آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:
(درست شرعي مسئلو يا عوام ۾ پکڙيل غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: جنازي جي نماز واري وضو سان ٻيون نمازون به پڙهي سگهجن ٿيون.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنازي جي نماز لاءِ جيڪو وضو ڪيو ويو، ان سان ٻيون نمازون نٿيون پڙهي سگهجن. هي صرف هڪ غلط فهمي آهي. جنازي جي نماز پڙهڻ لاءِ جيڪو وضو ڪيو ويو، ان سان ٻيون نمازون به پڙهي سگهجن ٿيون ۽ قرآنِ ڪريم کي هٿ به لائي سگهجي ٿو، ان ۾ ڪو حرج ناهي. اهو مسئلو جنهن جي ڪري عوام ۾ اها غلط فهمي پيدا ٿي، اهو هي آهي ته: مثال طور جنازي جي نماز شروع ٿيڻ واري آهي ۽ هڪ شخص دير سان پهتو، هاڻي حالت اها آهي ته جيڪڏهن هو وضو ڪري ته جنازي جي نماز هلي ويندي(پوري ٿي ويندي)، اهڙي حالت ۾ کيس اجازت آهي ته هو تيمم ڪري جنازي جي نماز ۾ شريڪ ٿي وڃي. هاڻي هي جيڪو تيمم آهي، خاص ان تيمم سان ٻيون نمازون نٿو پڙهي سگهي، ڇو ته اهو تيمم خاص جنازي جي نماز لاءِ هو ۽ شريعت هڪ خاص مجبوريءَ تحت ان جي اجازت ڏني هئي. باقي رهيو وضو...!! ته ان جو اهو حڪم ناهي. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami