Share this link via
Personality Websites!
473680
9250
قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو):
فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ(۴) فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵)
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ (قسم آهي!) اڳتي وڌڻ وارن جو پوءِ ڪائنات جو نظام هلائڻ وارن جو. (پاره: 30، النازعات: 4 ۽ 5)
داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ جو مختصر تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! صفر شريف جو مبارڪ مهينو آهي، 20 صفر المظفر تي عالمِ اسلام جي مشهور ۽ معروف هستي، لاهور جي تاجدار، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ جو عرس پاڪ هوندو آهي. * داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ تقريبًا 400 هجري ۾ دنيا ۾ تشريف کڻي آيا. * سندن نالو مبارڪ: علي ۽ والد صاحب جو نالو: عثمان آهي. * داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ افغانستان جي علائقي غزني جا رهاڪو هئا. * غزني جو هڪ محلو آهي: ”هجوير“. داتا حضور ان محلي ۾ رهندا هئا، ان ڪري ”هجويري“ سڏيا ويا. * پاڻ نَجِيبُ الطَّرَفَين يعني حسني ۽ حسيني سيد آهن. * شروع کان ئي وڏا نيڪ، پرهيزگار، عبادت گذار ۽ علمِ دين جو تمام گهڻو شوق (Passion) رکڻ وارا هئا. *تقريبن 34 سالن جي مبارڪ عمر ۾ لاهور تشريف کڻي آيا. * هتي نيڪي جي دعوت کي عام ڪيو، دينِ اسلام جو پيغام پکيڙيو، ماڻهن کي قرآن ۽ سنت جي تعليم ڏني. پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار سان، ڪڏهن بيانن جي ذريعي ته ڪڏهن ڪرامتن ذريعي بيشمار ڪافرن کي مسلمان ڪيو. جيڪي اڳ ئي مسلمان هئا، انهن کي سنتن جو پيڪر بڻايو، ڪيترن کي عالم بڻايو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami