Share this link via
Personality Websites!
473694
9250
هي داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ جو جاري و ساري فيضان آهي، جيڪو جنهن نيت ۽ ارادي سان وڃي ٿو، ان کي (مراد) نصيب ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن دلين ۾ وسوسا ايندا آهن ته ڇا غيرُ الله کي داتا چئي سگهجي ٿو؟ ڏيڻ واري ذات ته الله پاڪ جي آهي، پوءِ اسان ڪنهن ٻئي کي داتا ڇو چئون؟
ان حوالي سان ياد رکي ڇڏيو! ته ٻانهن کي داتا چوڻ بلڪل درست آهي، اها ڳالهه قرآنِ ڪريم مان به ثابت آهي. سيپارو: 16، سوره مريم ۾ حضرت عيسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام جي امڙ حضرت مريم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جو واقعو ذڪر ٿيو، جڏهن حضرت مريم رَحْمَۃُ اللهِ عَلَيْهَا اڪيلائيءَ ۾ تشريف کڻي ويون ته اتي هڪ نوراني صورت وارو نوجوان ڏٺائون، پاڻ تمام گهڻو باحيا هيون، پنهنجي ڪمري ۾ ائين نوجوان کي ڏسي فرمايائون:
قَالَتْ اِنِّیْۤ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ
ترجمو ڪنز العرفان: مريم چيو: مان توکان رحمٰن جي پناهه گهران ٿي.
(پاره:16، مريم:18)
اهو نوجوان ڪو انسان نه هو بلڪه انساني صورت ۾ حضرت جبرائيل عَلَيْهِ السَّلَام هئو، پاڻ فرمايائون:
قَالَ اِنَّمَاۤ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ﳓ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِیًّا(۱۹)
ترجمو ڪنز العرفان: مان ته تنهنجي رب جو موڪليل آهيان ته جيئن مان توکي هڪ پاڪيزه پٽ ڏيان. (پاره:16، مريم:19)
يعني اي مريم! گهٻرايو نه...!! مان الله پاڪ جو موڪليل ملائڪ آهيان، اوهان کي پٽ ڏيڻ آيو آهيان. سُبْحٰنَ الله! هي صاف لفظ داتا وارا آهن، يعني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami