Share this link via
Personality Websites!
473689
9250
قافلي جي شيڊول (Schedule) مطابق سنتون سکڻ سيکارڻ جو حلقو لڳل هو، انهي دوران هڪ صاحب تشريف کڻي آيا. انهن عاشقانِ رسول سان وڏي محبت سان ملاقات ڪئي، پوءِ چوڻ لڳا: اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہ! اڄ رات منهنجي قسمت جو ستارو چمڪيو، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ مون گنهگار جي خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: دعوتِ اسلامي جي قافلي وارا عاشقانِ رسول 3 ڏينهن لاءِ منهنجي مسجد ۾ ترسيل آهن، تون انهن لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪر! تنهنڪري مان قافلي وارن جي خيرخواهي لاءِ کاڌو کڻي آيو آهيان، قبول ڪريو!
کیا غرض در در پھروں میں بھیک لینے کیلئے ہے سلامت آستانہ آپ کا داتا پیا
جھولیاں بھر بھر کے لے جاتے ہیں منگتے رات دن ہو مری اُمّید کا گلشن ہرا داتا پیا([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيت سڳوري ٻڌي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ(۵)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ڪائنات جو نظام هلائيندڙن جو (قسم...!!).
(پاره:30، النازعات: 5)
هن جي تحت امام فخر الدين رازي رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ فرمائن ٿا: ڪڏهن ڪڏهن اولياءِ ڪرام جا پاڪ روح خواب ۾ تشريف آڻي يا ائين ئي پنهنجي روحاني توجهه سان اسان جي مشڪلاتن جو حل به اسان کي سيکاري ڇڏيندا آهن.
اَلۡحَمۡدُ لِلّٰہ! داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ به پنهنجي چاهيندڙن جي اهڙي امداد فرمائيندا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami