Share this link via
Personality Websites!
473688
9250
گرمي هجي يا سردي، مينهن هجي يا طوفان، ڪجهه به هجي، ڪنهن نه ڪنهن طرح داتا درٻار ضرور پهچي ويندا هئا. هڪ ڀيرو ائين ٿيو ته ملا جمال تَلوِي کي سخت بک لڳي هئي، پئسا به وٽس نه هئا، کاڌو به ڪٿان نه ملي سگهيو. انهي حال ۾ هڪ باغ ۾ هليا ويا، توت جو وڻ هو، ان جي هيٺان بيهي رهيا. اوچتو ڇا ٿا ڏسن ته وڻ تي هڪ نوراني چهري وارا بزرگ ويٺا آهن، فرمايائون: ملا جمال! توت کائيندين؟ اهو چئي انهن ٽاريءَ کي ڌوڻو ڏنو، جيتوڻيڪ اها توت جي موسم نه هئي، تڏهن به ان وڻ مان تازا پڪل توت ڪرڻ لڳا. ملا جمال تلوي چوي ٿو: مونکي پڪ آهي ته اهي بزرگ داتا حضور رَحْمَةُاللهِ عَلَیْهِ ئي هئا.([1])
آپ کی چشمِ کرم ہو جائے گر بدحال پر
دُور ہو غم کی ابھی کالی گھٹا داتا پیا([2])
داتا حضور جي طرفان قافلي جي خيرخواهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلله! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي فيضانِ اولياء آهي، الله پاڪ جو فضل آهي ته اولياءِ ڪرام دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول تي ڪرم نوازيون فرمائيندا رهندا آهن. هڪ ڀيري جو واقعو آهي؛ ڪجهه اسلامي ڀائر جيڪي دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ قافلي جا مسافر هئا، سنتون سکي رهيا هئا ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيا هئا. سندن بيان آهي ته: اسان جو قافلو راهه خدا ۾ سفر ڪندي لاهور ۾ داتا درٻار واري مسجد ۾ پهتو، اتي اسان جو 3 ڏينهن جي قيام هو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami