Share this link via
Personality Websites!
انسان جيڪو * چنڊ تائين پهچڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي* جيڪو ڪارون ٺاهي رهيو آهي * جيڪو پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪري رهيو آهي * جيڪو موبائل، واچُون، خلائي جهاز(Spacecraft) ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ٺاهڻ جي صلاحيت رکي ٿو، اُهو انسان به جڏهن پاڻمرادو پيدا نه ٿو ٿي سگهي، ته پوءِ ٻڌايو! هي جبل، هي هوائون، هي ڪهڪشائون، هي زمين، هي آسمان ۽ هي سڀ ڪجهه پاڻمرادو ڪيئن پيدا ٿي سگهي ٿو؟ هرگز نه ٿو ٿي سگهي. جڏهن ڪا به شيءِ پاڻمرادو نه ٿي ٿي سگهي، ته پوءِ يقيناً هن پوري ڪائنات کي پيدا ڪرڻ وارو ڪو ته آهي ۽ جيڪو آهي، اُهو ئي خدا آهي.
الله پاڪ وڌيڪ فرمايو:
اَمْ هُمُ الْخٰلِقُوْنَؕ(۳۵) (پارو: 27، سورة طور: 35)
ترجموڪنزالعرفان: يا اهي پاڻ ئي (پنهنجا) خالق آهن؟
هي سوال هڪ ٻئي انداز سان به آهي. فرمايو ويو: ڇا ماڻهن پنهنجو پاڻ ئي، پاڻ کي پيدا ڪيو آهي؟ مثال طور: مان هڪ جيئرو جاڳندو انسان توهان جي سامهون موجود آهيان. جڏهن مان نه هئس، اڃان پيدا ئي نه ٿيو هئس، ته پوءِ ڇا اهڙو ٿيو جو ان وقت، جڏهن منهنجو وجود ئي نه هو ته مون پنهنجو پاڻ کي پيدا ڪري ورتو...؟ نه نه! اِها ته سراسر بيوقوفيءَ واري ڳالهه آهي. جڏهن مان موجود ئي نه هئس، ته پنهنجو پاڻ کي ڪيئن پيدا ڪري پئي سگهيس؟ معلوم ٿيو ته جيڪو موجود نه هجي، اهو پنهنجو پاڻ کي پيدا نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن سائنس به مڃي ٿي ته هيءَ دنيا اڳ ۾ موجود نه هئي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami