Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ جي وجود ۽ هڪ هئڻ جي باري ۾ دليل
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ هڪ آهي، ان جو دليل ڪهڙو آهي؟ اڄڪلهه مُلحِدَ (يعني دين جو انڪار ڪرڻ وارا) هن ڳالهه تي گهڻو زور ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن الله پاڪ آهي ته ان جو دليل ڏيو، توهان هڪ خدا کي مڃو ٿا ته ان جو دليل ڏيو. افسوس! هِي عقل جا انڌا پاڻ پنهنجي وجود تي غور نه ناهن ڪندا، پنهنجي چوڌاري ڦهليل هِن هيڏي وڏي ڪائنات تي به غور ناهن ڪندا. قرآن ڪريم تمام آسان دليل ڏيندي، فرمايو:
اَمْ خُلِقُوْا مِنْ غَیْرِ شَیْءٍ اَمْ هُمُ الْخٰلِقُوْنَؕ(۳۵)(پارو: 27، سورة طور: 35)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا اهي ڪنهن شيءِ جي بغير ئي پيدا ڪيا ويا آهن يا اهي پاڻ ئي (پنهنجا) خالق آهن؟
قرآن ڪريم غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي ته اي انسانو! غور ڪريو، ڇا توهان بغير ڪنهن سبب جي پاڻمرادو پيدا ٿي ويا آهيو؟ يا توهان پاڻ پنهنجو پاڻ کي پيدا ڪيو آهي؟
هاڻي هن ڳالهه کي ٿورو سمجهو، اسان پنهنجي وجود تي غور ڪريون. ڇا منهنجي پيدائش جو ڪو سبب آهي يا نه؟ يقيناً منهنجا ماءُ پيءُ منهنجي پيدائش جو سبب بڻيا آهن، وري پاڻ کان سوال ڪيو ته: ڇا منهنجا ماءُ پيءُ پاڻمرادو پيدا ٿي ويا هئا؟ يا انهن جي پيدائش جو به ڪو سبب آهي؟ يقيناً منهنجو ڏاڏو، ڏاڏي، نانو ۽ ناني سندن پيدائش جو سبب آهن، اهڙي طرح مٿي کان مٿي هلندا وڃو! هِن سموري ڪائنات ۾، فرشتن ۽ جنن کان سواءِ، فقط هڪ انسان ئي باشعور ۽ عقلمند مخلوق آهي جڏهن اهڙو عقل وارو ۽ باشعور
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami