Share this link via
Personality Websites!
وَ مَاۤ اَرْسَلْنٰكَ اِلَّا رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ(۱۰۷) (پارو: 17، سورة انبياء: 107)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان اوهان کي تمام جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ئي موڪليو
مان فرمائيندو آهيان، پر اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم! هاڻي جيئن ته منهنجو شانِ اُلوهِيت ۽ منهنجي توحيد بيان ڪرڻي آهي، تنهنڪري اُها توهان پنهنجي پاڪ زبان سان بيان فرمايو: تنهنڪري فرمايو ويو:
قُل (سيپارو: 30، سورة اخلاص: 1)
ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو
چوڻو ڇا آهي؟ فرمايو ويو:
قُلْ هُوَ اللّٰهُ اَحَدٌۚ(۱) اَللّٰهُ الصَّمَدُۚ(۲) لَمْ یَلِدْ ﳔ وَ لَمْ یُوْلَدْۙ(۳) وَ لَمْ یَكُنْ لَّهٗ كُفُوًا اَحَدٌ۠(۴)
(پارو: 30، سورة اخلاص: 4-1)
ترجموڪنزالعرفان: اوهان فرمايو: اهو الله هڪ آهي. الله بي نياز آهي. نه ان ڪنهن کي ڄڻيو ۽ نه اهو ڪنهن مان پيدا ٿيو. ۽ نه وري ان جو ڪو مَٽُ آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نه پياري انداز سان منهنجي رب ڪريم جو عظيم ترين شانُ بيان ڪيو ويو آهي. توهان قرآن ڪريم جو مبارڪ اسلوب ڏسو! علم جي ميدان ۾ مسئله توحيد کي انتهائي ڏکيو موضوع سمجهيو ويندو آهي، پر قرآن ڪريم جو ڇا ته شان آهي، جو انتهائي مشڪل مسئلي کي به اهڙي ته آسان انداز ۾ بيان فرمائي ڇڏيو، جو جيڪڏهن ڪو بلڪل اڻ پڙهيل ماڻهو به سورة اخلاص جو صرف ترجمو ئي پڙهي وٺي ته ان کي الله پاڪ جي توحيد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami