Share this link via
Personality Websites!
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم: (1): جنهن ڪو وڻ لڳايو ۽ ان جي حفاظت ۽ سارسنڀال تي صبر ڪيو، ايسيتائين تائين جو اهو ميوو ڏيڻ لڳو ته ان مان کاڌو ويندڙ هڪ هڪ ميوو ان وڻ لڳائڻ واري جي طرفان الله پاڪ وٽ صدقو آهي. ([1]) (2): جيڪو مسلمان وڻ لڳائي يا فصل پوکي، پوءِ ان مان جيڪو پکي، انسان يا چوپايو کائي، ته اهو ان جي طرفان صدقو آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! وڻ لڳائڻ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم کان ثابت آهي، صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جي سنت آهي * نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ عنہ جي لاءِ تقريباً 300 کجور جا وڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان لڳايا. ([3]) * انهن مان هڪ وڻ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ به لڳايو هو. ([4]) * حضرت ابوهريره رَضِیَ اللہُ عنہ به وڻ پوکيندا هئا. ([5])
تفسيرِ ڪبير ۾ آهي ته: نهرون کوٽائڻ ۽ وڻڪاري (يعني وڻ پوکڻ) (Plantation) سبب فارس (ايران) جي بادشاهن جون عمريون ڊگهيون ٿينديون هيون. ([6])
وڻن جا فائدا: * وڻ ۽ ٻوٽا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن * آڪسيجن فراهم ڪندا آهن * فضائي آلودگي گهٽ ڪندا آهن * ماحول کي ٿڌو ۽ خوشگوار بڻائيندا آهن * لينڊ سلائيڊنگ (يعني مٽي يا پٿرن جا وڏا ڍير ڪِرڻ) کان بچائيندا آهن* گلوبل وارمنگ (Global Warming) (دنيا
[1]...مسنداحمد، جلد:6، صفحہ:701، حدیث:17037۔
[2]...مسلم، کتاب المساقاۃ، باب فضل الغرس و ا لزرع، صفحہ:604، حدیث:1553۔
[3]... دلائل النبوة، باب ماظہر فی النخل التی غرسہا النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ...الخ،جلد:6، صفحہ:97بتصرف۔
[4]... دلائل النبوة، باب ماظہر فی النخل التی غرسہا النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ...الخ،جلد:6، صفحہ:97۔
[5]... اِبن ماجہ ، کتاب الادب، باب فضل التسبیح، صفحہ:610، حدیث:3807 ماخوذاً۔
[6]... تفسیر کبیر، پارہ:12، ھود، زیرِ آیت:61،جلد:6، صفحہ:367 بتصرف ۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami