Share this link via
Personality Websites!
تقريباً 9 لڳي 45 منٽن تي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ھفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنھن ۾ امير اھلسنت، مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُہمُ العالیہ سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا۔ سڀئي ذميدار ۽ عاشقانِ رسول ھن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکاتُہمُ العالیہ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي الله وارن جا 12 واقعات جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين سان به شيئر(Share)ڪريو! *اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رحمةُ اللهِ عليه تمام وڏا مفتي، باعمل عالمِ دين ۽ پندرهين صديءَ جا مجدد ٿي گذريا آهن. مڪتبة المدينه سندن * سيرت * اوصاف * علمي ڪارنامن * ۽ ديني خدمتن تي مشتمل هڪ جامع ۽ آسان ڪتاب سيرتِ امامِ احمد رضا شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 280 روپين ۾ خريد فرمايو، پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!
صَلُّوا عَلَى الْحَبِيب! صَلَّى اللهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلحمدُ لله! دعوتِ اسلامي هر سال آگسٽ جي مهيني ۾ وڻڪاري مهم هلائيندي آهي. دعوتِ اسلامي جي هن نعري ٻُوٽو لڳائڻو آهي، وَڻُ بڻائڻو آهي ۾ توهان به شامل ٿي وڃو، ۽ شرعي احتياطن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻُوٽو لڳائي ان کي وڻ بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي وڻڪاريءَ بابت ڪجهه مدني گل پيش ڪري رهيو آهيان.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami