Share this link via
Personality Websites!
هستيءَ جو ڪلام آهي، حق ٿئي ٿو ته سندس نافرماني نه ڪئي وڃي. اِهو چئي ان مشرڪ ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو.
هاڻي اسان ان کي پاڻ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري ورتو. رستي ۾ اسان کيس قرآن ڪريم جي هڪ سورت به سيکاري ڇڏي. جڏهن رات ٿي ته اسان سڀ پنهنجن پنهنجن بسترن ۾ هليا وياسين. اُهو نئون مسلمان چوڻ لڳو: اي قوم! جنهن خدا جي توهان مون کي سڃاڻپ ڪرائي، ڇا اهو به سمهندو آهي؟ اسان چيو: نه، اهو حَیٌّ و قَیُّوم آهي، ان کي نه ننڊ ايندي آهي ۽ نه ئي جهُوٽو ايندو آهي. اِهو ٻڌي ان نئين مسلمان چيو: اِها بي ادبي آهي جو ٻانهو پنهنجي مالڪ جي سامهون سمهيو رهي. اِهو چئي هو اُٿي بيٺو ۽ سڄي رات بيٺو روئندو رهيو، روئندو رهيو، تان جو صبح ٿي ويو.
عبدالواحد بن زيد فرمائن ٿا: جڏهن اسان عبادان (نالي هڪ شهر) ۾ پهتاسين ته اسان دوستن گڏجي ڪجهه رقم جمع ڪئي ۽ ان نئين مسلمان کي ڏني. رقم ڏسي هن چيو: هي ڇا آهي؟ اسان چيو: اسان تنهنجي مدد ڪري رهيا آهيون. هن بي نيازيءَ سان چيو: سُبْحٰنَ اللہ! توهان مون کي اُهو رستو ڏيکاريو، جيڪو توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو. جڏهن مان ٻيٽ تي هئس ۽ غير الله جي عبادت ڪري رهيو هئس، ته ان وقت به الله پاڪ مون کي بکيو نه رکيو ته هاڻي ڪيئن ضايع فرمائيندو؟ اِهو چئي هو اسان کان جدا ٿي ويو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي! ڪاش! اسان کي به هن صاحبِ ايمان جهڙو ڪامل ايمان نصيب ٿي وڃي، اسان کي به الله پاڪ تي صحيح معنيٰ ۾ تَوَڪُّل نصيب ٿي وڃي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami