Share this link via
Personality Websites!
عبدالواحد بن زيد فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان سامونڊي سفر تي هئس ته اوچتو تيز هوائون هلڻ لڳيون، انهن هوائن اسان کي هڪ ويران ٻيٽ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. جڏهن اسان ان ٻيٽ تي لٿاسين ته ڏٺوسين ته اتي هڪ شخص غير الله جي عبادت ۾ مشغول آهي. اسان کيس چيو ته اسان ته اهڙي مشرڪ کي پاڻ سان گڏ سوار نه ڪنداسين. ان مشرڪ پڇيو: توهان ڪنهن جي عبادت ڪندا آهيو؟ اسان چيو: الله پاڪ جي. هن پڇيو: الله ڪير آهي؟ اسان چيو: اُهوئي، جنهن جو عرش آسمانن کان مٿي ۽ جنهن جي حڪومت زمين تي آهي. مشرڪ پڇيو: توهان کي اِها خبر ڪيئن پئي؟ اسان چيو: الله پاڪ اسان ڏانهن پنهنجو هڪ رسول موڪليو، جنهن معجزا ڏيکاريا، ۽ ان ئي رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم اسان کي الله پاڪ جي جي متعلق ٻڌايو. مشرڪ پڇيو: پوءِ توهان جي اُن رسول جو ڇا ٿيو؟ اسان چيو: جڏهن انهن الله پاڪ جو پيغام پوري طرح اسان تائين پهچائي ڇڏيو، ته رب ڪريم کين پاڻ وٽِ گهُرائي ورتو. مشرڪ پڇيو: ڇا اوهان وٽ انهن جي ڪا نشاني موجود آهي؟ اسان جواب ڏنو: ها، الله پاڪ جو ڪتاب آهي. هن چيو: کڻي اچو! مون کي ڏيکاريو.
هاڻي اسان کيس قرآن ڪريم ڏيکاريو. هن غور سان ڏسي چيو: مون کي ته هي پڙهڻ نه ٿو اچي. پوءِ اسان کيس قرآن پاڪ پڙهي ٻڌايو.
الله! الله! قرآن ڪريم جو ڇا ته شان آهي! اسان جيئن ئي تلاوت شروع ڪئي ته قرآنِ مجيد جا مقدس لفظ تاثير جو تير بڻجي سندس دل ۾ کُپِي ويا، هو تلاوت ٻڌندو پئي ويو ۽ روئندو پئي ويو، آخرڪار چوڻ لڳو: هي جنهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami