Share this link via
Personality Websites!
ته ڪيڏو نه بهتر ٿئي ها. ([1])
اي عاشقانِ رسول! اِنهيءَ کي چوندا آهن ٻانهو (يعني غلام) هجڻ. ٻانهو هوندو ئي اُهو آهي، جنهن جي پنهنجي ڪا خواهش نه هجي، جنهن جي پنهنجي ڪا مرضي نه هجي، ٻانهو هميشه پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ تي هلندو آهي، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته: غربت اچي، پريشاني اچي، مصيبت اچي، ڪجهه به ٿي پئي، اسان الله پاڪ جي فيصلي تي مطمئن رهون ۽ ڪڏهن به زبان تي شڪايت نه آڻيون.
الله پاڪ جي رِضا ۾ راضي رهڻ وارن جي لاءِ خوشخبري
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: طُوۡبٰی لِمَنۡ ھُدِیَ لِلۡاِسۡلَامِ وَکَانَ رِزۡقُہٗ کَفَافًا وَرَضِیَ بِہٖ يعني خوشخبري آهي ان شخص جي لاءِ، جنهن کي اسلام جي هدايت ڏني وئي، گذاري جيترو رزق عطا ڪيو ويو ۽ هو ان تي راضي رهيو. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! توحيد جي عقيدي جي هڪ عملي تقاضا هيءَ به آهي ته انسان الله پاڪ تي توڪل ڪري، ان تي ڀروسو رکي. جڏهن اسان مڃي ورتو ته: مالڪ اُهو ئي آهي، رازق اُهو ئي آهي، خالق اُهو ئي آهي، حفاظت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڪرڻ به اُهو ئي آهي، ته پوءِ گهرجي ته پنهنجي خالق ۽ مالڪ تي پورو پورو ڀروسو به ڪريون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami