Share this link via
Personality Websites!
آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم جي دنيا کان بي رغبتي جو هي منظر ڏسي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِیَ اللہُ عنہ جي دل ڀرجي آئي ۽ سندن اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم عاشقِ زار کي روئندو ڏٺو ته فرمايائون: اي عمر! ڇو روئي رهيو آهين؟ عرض ڪيائون: يا رسول الله! صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم خدا جو قسم! مان ڄاڻان ٿو ته توهان الله پاڪ جا رسول آهيو، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ اوهان جو تمام بلند مقام آهي، توهان قيصر و ڪِسريٰ (روم ۽ ايران جي بادشاهن) کان تمام گهڻا عزت وارا آهيو، يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم مون کي روئڻ ان ڳالهه تي اچي رهيو آهي ته قيصر ۽ ڪسريٰ ته دنيا جي نعمتن ۾ عيش ۽ آرام واري زندگي گذارين ۽ اوهان الله پاڪ جا رسول هجڻ جي باوجود اهڙي زاهدانه زندگي بسر ڪري رهيا آهيو؟ عاشقِ زار جي تشويش ڏسي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: اي عمر! ڇا تون ان ڳالهه تي راضي نه آهين ته انهن غير مسلمن لاءِ دنيا آهي ۽ اسان جي لاءِ آخرت آهي؟ ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اسان جا آقا، پيارا پيارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم دنيا کان ڪيتري قدر بي رغبتي رکندا هئا، هتان جي فاني نعمتن ۽ عيش عشرت کان پري رهِي نهايت سادي ۽ زاهدانه زندگي گذاريندا هئا.
سلام اُس پر کہ جس نے بے کسوں کی دَستگیری کی
سلام اُس پر کہ جس نے بادشاہی میں فقیری کی
سلام اُس پر کہ جس کے گھر میں چاندی تھی نہ سونا تھا
سلام اُس پر کہ سادہ بَورِیا جس کا بچھونا تھا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami