Share this link via
Personality Websites!
خواهشن کي خدا بڻائي ڇڏڻ قرار ڏنو آهي، يعني ماڻهو پنهنجي نفسِ اماره جي فرمانبرداري ائين ڪري رهيو آهي، جيئن الله پاڪ جي اطاعت ڪئي ويندي آهي. هي جيتوڻيڪ شرڪ نه آهي، يعني ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جو شڪار ٿي اسلام جي دائري مان نڪري نه ويندو آهي، پر توحيد جي عقيدي جي عملي تقاضا آهي ته اسان پنهنجي نفس جي مخالفت ڪندي الله پاڪ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ لڳي وڃون.
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس جي ڳالهه آهي ته اڄ اسان دنيا پرستيءَ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهيون. الله پاڪ غير مسلمن جو حال بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:
اَذْهَبْتُمْ طَیِّبٰتِكُمْ فِیْ حَیَاتِكُمُ الدُّنْیَا وَ اسْتَمْتَعْتُمْ بِهَاۚ-(پارو: 26، سورة احقاف: 20)
ترجموڪنزالعرفان: توهان پنهنجي حصي جون پاڪ شيون پنهنجي دنيا جي ئي زندگي ۾ فنا ڪري چڪؤ ۽ انهن مان فائدو کڻي چڪؤ.
هي آهي ته غير مسلمن جي صفت، پر افسوس! ڪيترن ئي مسلمانن هن خراب عادت کي وڏي حد تائين اختيار ڪري ورتو آهي. اسان جي سامهون صرف دنيا ئي دنيا هوندي آهي، آخرت جو فائدو تمام گهٽِ ماڻهو ڏسندا آهن * اسان جي زندگيءَ جو مقصد: وڏا وڏا بنگلا تعمير ڪرڻ، گاڏيون خريد ڪرڻ، امير ٿيڻ، ڪاروبار وڌائڻ * اسان جي ڏينهن ۽ رات جي مصروفيت: ڪمائڻ، کائڻ، پائڻ ۽ سمهڻ * اسان جون خواهشون: شهرت، عزت، واکاڻ، سڀني کان نمايان نظر اچڻ ۽ سڀني کان نمايان رهڻ * افسوس جي ڳالهه هيءَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami