Share this link via
Personality Websites!
تُو بے حساب بخش کہ ہیں بے شمار جرم دیتا ہوں واسطہ تجھے شاہِ حجاز کا[1]
ٻِي تقاضا: نفساني خواهشن کان رڪجي وڃڻ
پيارا اسلامي ڀائر! توحيد جي عقيدي جي ٻي عملي تقاضا آهي: نفساني خواهشن کي ڇڏي، پاڻ کي الله پاڪ جي حڪمن جي تابع ڪري ڇڏڻ. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
اَفَرَءَیْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰهَهٗ هَوٰىهُ (پارو: 25، سورة جاثيه: 23)
ترجموڪنزالعرفان: ڀلا ڏس ته اهو جنهن پنهنجي خواهش کي پنهنجو خدا بڻايو.
هن آيت مان معلوم ٿيو ته نفساني خواهشن جي پيروي ڪرڻ گمراهيءَ جو سبب آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: اَبْغَضُ اِلٰهٍ عُبِدَ فِي الْاَرْضِ الْهَوٰى يعني زمين تي پوڄڻ وارو سڀ کان بڇڙو معبود نفس جي خواهش آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! اِها وڏي غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي. اسان جي دل ۾ جيڪي خواهشون پيدا ٿينديون آهن: * گناهن سان ڀريل خواهشون * غفلت سان ڀرپور خواهشون * فضول ڪمن تي ٻڌل خواهشون * رڳو عارضي لذت حاصل ڪرڻ واريون خواهشون...!! اسان جڏهن انهن خواهشن جا پيروڪار بڻجي ويندا آهيون ۽ انهن خواهشن جي ڪري الله پاڪ جي حڪمن کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيندا آهيون، جهڙوڪ ماڻهو * روزگار جي فڪر ۾ نمازون قضا ڪري ڇڏيندا آهن * مال جي حرص ۾ ڪوڙ ڳالهائيندا آهن * ڪاروبار ۾ ٺڳيون ڪندا آهن، ڌوڪا ڏيندا آهن. قرآن ڪريم انهن نفساني
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami