Share this link via
Personality Websites!
نه ڪئي هئي، جڏهن سندس آخري وقت آيو ته هُن پنهنجي گهر وارن کي چيو: جڏهن مان مري وڃان ته مون کي ساڙي ڇڏجو، پوءِ منهنجي خاڪ کڻي اڌ هوا ۾ اڏائي ڇڏجو ۽ اڌ درياهه ۾ لوڙهي ڇڏجو. تنهنڪري جڏهن اهو ايمان وارو مسلمان وفات ڪري ويو ته ان جي گهر وارن سندس وصيت مطابق عمل ڪيو، جڏهن سندس خاڪ هوا ۾ اُڏائي وئي ته الله پاڪ هوا کي حڪم ڏنو ته ان جي خاڪ حاضر ڪر! ۽ جيڪا خاڪ درياءَ ۾ لوڙهي وئي هئي، الله پاڪ درياءَ کي حڪم ڏنو ته خاڪ حاضر ڪر! پوءِ ان جي سموري خاڪ مان سندس مجسمو تيار ڪيو ويو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ڪيو ويو. رب ڪريم فرمايو: تو ائين ڇو ڪيو؟ اُن شخص عرض ڪيو: اي الله پاڪ! (مان گنهگار هئس، مون ڪڏهن به ڪا نيڪي نه ڪئي هئي)، تنهنڪري تنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيڻ کان مون کي حياءُ اچي رهيو هو، ان ڪري مون پنهنجي خاڪ هوا ۾ اڏرائڻ جي وصيت ڪئي. بس اُن جو اهڙي طرح الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضريءَ کان حياءَ ڪرڻ ئي سندس ڪم اچي ويو ۽ الله پاڪ ان جي بخشش ۽ مغفرت فرمائي ڇڏي. [1]
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رحمت به عجيب شان واري آهي، ڪنهن ڪيڏو نه خوب چيو آهي ته:
رَحْمَتِ حَقْ بَہَا نَمِی جَوْیَد رَحْمَتِ حَقْ بَہَانَہ مِی جَوْیَد
مفهوم: يعني الله پاڪ جي رحمت اِهو نه ڏسندي آهي ته ٻانهي وٽِ وڏيون وڏيون نيڪيون هجن، پر اُها ته رڳو بخشش جو بهانو ڳوليندي آهي. تنهنڪري
[1] بخاری، کتاب التوحید، باب قول اللہ تعالیٰ:يُرِيدُونَ أَنْ يُبَدِّلُوا...الخ، صفحہ:1808، حدیث:7508 مفہوماً، کشف المحجوب، کشف الحجاب الثانی فی التوحید، صفحہ:331۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami