Share this link via
Personality Websites!
بڻجڻ سيکاري ٿو * هي عقيدو انسان کي ترقي ۽ ڪاميابيءَ جي انهن بلندين تائين وٺي وڃي ٿو، جن جو تصور به هن عقيدي کان سواءِ نه ٿو ڪري سگهجي. پر اِهو ڪيئن ٿيندو؟ اَلحَمدُ لِلهِ! الله پاڪ جو فضل آهي، جو اسان ننڍپڻ کان ئي مُوَحِّد (يعني الله پاڪ کي هڪ مڃڻ وارا) آهيون، پر ياد رکو! هڪ توحيد عملي به هوندي آهي، يعني توحيد جو عقيدو اختيار ته ڪري ورتوسين، مسلمان به ٿي وياسين، پر هاڻي هن عقيدي کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به نافذ ڪرڻو آهي. اِهو ڪيئن ٿيندو؟ ان جا ڪجهه طريقا مان توهان جي سامهون پيش ڪري رهيو آهيان:
داتا حُضُور ۽ کَشْفُ الْمَحْجُوب
20 صفر شريف تي برصغير پاڪ و هند جي مشهور ۽ عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رَحمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جو عرس مبارڪ ٿيندو آهي. داتا حضور رَحمَةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام وڏا ولي الله به هئا ۽ تمام وڏا عالم به هئا. سندن مشهور ڪتاب آهي کَشْفُ الْمَحْجُوب. جنهن ۾ انهن وڏو علمي خزانو بيان فرمايو آهي. اچو ته انهيءَ ئي ڪتاب کَشْفُ الْمَحْجُوب جي ئي روشنيءَ ۾ توحيد جي عقيدي جون ڪجهه عملي تقاضائون ٻڌو:
حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحمَةُ اللهِ عَلَيْهِ عقيدهءِ توحيد جو بيان شروع ڪندي سڀ کان پهريان هڪ حديث پاڪ نقل ڪئي آهي ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّم فرمايو: توهان کان اڳين قومن ۾ هڪ شخص هو، جيڪو توحيد جي عقيدي تي پڪو ايمان رکندو هو، پر هُن ڪڏهن ڪا نيڪي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami