Share this link via
Personality Websites!
473372
9237
ڪنهن ٻي جي طرف کان بدلو نه ڏيندي ۽ نه ڪا سفارش مڃي ويندي.
يعني ائين ناهي ته * توهان چاهي ڪجهه به ڪندا رهو! * ڪلمو به نه پڙهو! * ايمان به قبول نه ڪريو! * نبين جي گستاخي ڪري مرتد به ٿي وڃو! * ربّ جي ڪلام توريت شريف جي گستاخي به ڪريو، پوءِ به توهان جي شفاعت ٿي ويندي؟ نه، هرگز ائين نه ٿيندو! بلڪه توهان کي اڄ هن دنيا جي زندگي ۾ پاڻ کي جنت جو حقدار بڻائڻو پوندو.
معلوم ٿيو ته اسان ڪنھن جي آسري ۾ نٿا رهي سگهون، نه ائين ٿي سگهي ٿو ته شفاعت جي اميد تي نيڪ عمل ڇڏي ڏيون ۽ نه ئي اها ڳالهه درست آهي ته عملن جي ڀروسي تي شفاعت جو انڪار ڪري ويهون. اسان کي شفاعت تي يقين به رکڻو آهي ۽ گڏوگڏ نيڪ عمل به ڪرڻا آهن. ڏسو! صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم، جيڪي سڀني امتن ۾ اعليٰ رتبي وارا آهن، اهي اسان لاءِ عملي معيار آهن؛ هي بلند مرتبي واريون شخصيتون شفاعت تي يقين به رکندا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ نيڪ عملن ۾ به مشغول رهندا هئا.
هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي شفاعت جو ذڪر فرمايو ته صحابه ڪرام عليهم الرضوان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! دعا فرمايو ته اسان کي به شفاعت نصيب ٿئي. حضور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن دعا فرمائي: اَللّٰهُمَّ اجْعَلْهُمْ مِنْ اَهْلِهَا(اي مالڪ ڪريم! انھن کي شفاعت جو حقدار بڻاءِ). ڪجهه دير کان پوءِ وڌيڪ صحابه ڪرام عليهم الرضوان حاضر ٿيا، جڏهن اڳي موجود صحابن کين اها ڳالهه ٻڌائي ته انهن به عرض ڪيو: يا رسول
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami