Share this link via
Personality Websites!
473369
9237
منهنجا پاڪ ربّ! مان راضي آهيان. ([1])
حضرت حرب بن سريج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: امام محمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اها حديث شريف ٻڌائڻ کانپوءِ فرمايو: اي اهلِ عراق! توهان ڇا ٿا سمجهو ته قرآن ڪريم ۾ سڀ کان وڌيڪ اميد ڏياريندڙ آيت هي آهي؟
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَةِ اللّٰهِؕ-
ترجموڪنزالعرفان: الله جي رحمت کان مايوس نه ٿجو. (پاره: 24، الزمر: 53)
مون عرض ڪيو: جي ها! اسان جي خيال ۾ ته اها ئي آيت وڌيڪ اميد ڏياريندڙ آهي (جنهن ۾ الله پاڪ سڀني گنهگارن کي فرمايو آهي ته الله جي رحمت مان مايوس نه ٿيو، بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ڇڏي ٿو). امام محمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پر اسان سڀني اهلِ بيتِ پاڪ جو متفقه فيصلو آهي ته قرآنِ ڪريم ۾ سڀ کان وڌيڪ اميد ڏياريندڙ آيت هي آهي: [2]
وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ(۵)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ ويجهو آهي جو تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.(پاره: 30، الضحى: 5)
مسلمانن جو چوٿون خليفو حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائي ٿو: جڏهن هي آيتِ سڳوري نازل ٿي ته پياري نبي، سچي نبي صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِذًا لَا اَرْضٰی وَوَاحِدٌ مِنْ اُمَّتِيْ فِي النَّار يعني (جڏهن اهو واعدو آهي ته ربِّ ڪريم مون کي راضي فرمائيندو) ته الله پاڪ جو قسم!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami