Share this link via
Personality Websites!
473367
9237
مسلمان ڪنهن غير مسلم جي مدد ڪري سگهندو.
ائين سمجهو ته مدد جون 4 صورتون ٿينديون آهن: (1) مدد ڪرڻ وارو پنهنجي ساٿيءَ کي طاقت جي زور تي آزاد ڪرائي، ان کي نُصۡرَت چئبو آهي. (2) مدد ڪرڻ وارو سفارش ڪري پنهنجي ساٿيءَ کي بچائي، ان کي شفاعت چئبو آهي. (3) مدد ڪرڻ وارو مجرم جي ذمي واجب حق ادا ڪري کيس بچائي وٺي، ان کي جزا چئبو آهي. (4) مدد ڪرڻ وارو ڏنڊ يا جرمانو ادا ڪري بچائي وٺي، ان کي بدلو ڏيڻ چئبو آهي. انهن چئني قسمن جي مدد جي ترديد ڪئي وئي ([1]) ۽ فرمايو ويو ته قيامت واري ڏينهن نه ڪو انهن غير مسلمن کي طاقت سان ڇڏائي سگهندو، نه ڪو انهن جي شفاعت ڪندو، نه انهن جي ذمي حق ادا ڪري سگهندو ۽ نه ئي انهن جي بدلي جرمانو قبول ڪيو ويندو. جڏهن ته قيامت جي ميدان ۾ غير مسلم جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي ويندي، تنهنڪري گهرجي ته اڄ ئي ان ڏينهن کان ڊڄو! ۽ ان جي تياري ڪريو! ايمان قبول ڪريو! محبوبِ ذيشان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهي انهن جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو! اها ئي نجات جي هڪڙي راهه آهي.
وہ کہ اُس دَر کا ہوا، خلقِ خدا اُس کی ہوئی
وہ کہ اُس دَر سے پِھرا ، اللہ اُس سے پھر گیا ([2])
وضاحت: جيڪو حضور نبي آخرالزمان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درِ پاڪ جو غلام بڻجي ويو، ساري خدائي ان جي تابع ٿي وئي، ۽ جيڪو پاڻ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami