Share this link via
Personality Websites!
473380
9237
جي هوندي * سج هڪ ميل جي فاصلي تي هوندو، الله! الله! * اڄ سج ڪروڙين ميلن جي فاصلي تي آهي ۽ اسان جي طرف ان جي پٺي آهي، تنهن هوندي به جڏهن مٿي جي سامهون اچي وڃي ٿو ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ان ڏينهن سج هڪ ميل جي فاصلي تي هوندو ۽ ان جو منهن اسان جي طرف هوندو* اڄ مٽيءَ جي زمين آهي پر اونهاري ۾ زمين تي پير نٿو رکي سگهجي، ان ڏينهن زمين ٽامي جي هوندي، سج ايترو ويجهو هوندو ته ان وقت تپش ۽ گرميءَ جو حال ڪير بيان ڪري سگهي ٿو؟ هاءِ هاءِ! دماغ ٽهڪندا هوندا، ان ڪثرت سان پگهر نڪرندو جو * 70 گز زمين ۾ جذب ٿي ويندو، پوءِ جيڪو پگهر زمين نه پي سگهندي اهو مٿي چڙهندو * ڪنهن جي ڀيڏين تائين هوندو * ڪنهن جي گوڏن تائين * ڪنهن جي چيلهہ تائين * ڪنهن جي سيني تائين * ڪنهن جي ڳلي تائين ۽ * غير مسلم جي ته منهن تائين اچي ويندو، جنهن ۾ هو ٽٻيون کائيندو. پوءِ ان گرميءَ جي حالت ۾ اُڃ جي جيڪا ڪيفيت هوندي، الامان والحفيظ! زبان سڪي ڪنڊو ٿي ويندي، ڪجهه ماڻهن جون زبانون وات مان ٻاهر نڪري اينديون، دل ٽهڪي نڙيءَ تائين اچي ويندا، هر ڪو پنهنجي گناهن موجب تڪليف ۾ مبتلا هوندو. هي حساب جو ڏينهن آهي، هي عدل ۽ انصاف جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن هر طرف ”نفسي نفسي“ جو عالم هوندو، ڪو به ڪنهن جو حال پڇڻ وارو نه هوندو. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:
یَوْمَ یَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ اَخِیْهِۙ(۳۴) وَ اُمِّهٖ وَ اَبِیْهِۙ(۳۵) وَ صَاحِبَتِهٖ وَ بَنِیْهِؕ(۳۶) لِكُلِّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ یَوْمَىٕذٍ شَاْنٌ یُّغْنِیْهِؕ(۳۷)
ترجمو ڪنز العرفان: ان ڏينهن انسان پنهنجي ڀاءُ کان ڀڄندو، ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami