Share this link via
Personality Websites!
473376
9237
آهي جو ان جو مثال نٿو ملي، پاڻ فرمائن ٿا:
کیا ہی ذَوْق اَفْزا شَفَاعت ہے تمہاری واہ واہ
قرض لیتی ہے گُنہ پرہیزگاری واہ واہ([1])
وضاحت: يعني اي الله جا رسول صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان قيامت جي ڏينهن اهڙي ڪمال انداز سان شفاعت فرمائيندؤ جو جن وٽ گناهه نه هوندا، اهي به تمنا ڪندا ته ڪاش! ڪٿان اڌارا گناهه ملي وڃن ها ته جيئن اسان کي به (توهان جي) شفاعت نصيب ٿئي ها ۽ اسان به ان سعادت جو لطف ماڻيندڙ بڻجي وڃون ها.
هي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عقيدهءِ شفاعت آهي، هاڻي ٿورو (سندن) عمل ڏسو! پاڻ سڄي زندگي باجماعت نماز جو (خاص) اهتمام فرمايو. * نمازِ باجماعت ملي وڃي، ان لاءِ پاڻ پيسا به خرچ ڪري ڇڏيندا هئا، مال ۽ دولت جو نقصان برداشت فرمائيندا هئا پر نمازِ باجماعت نه ڇڏيندا هئا. * هڪ ڀيرو پاڻ بيمار هئا، هلي نه پئي سگهيا، اهڙي حالت ۾ (شريعت جي طرفان) جماعت معاف هوندي آهي پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو جذبو ڏسو! ان حالت ۾ به پاڻ سڀئي نمازون باجماعت ئي ادا فرمائيندا هئا. پاڻ ڪرسيءَ تي ويهندا هئا ۽ چار ماڻهو ڪرسيءَ مبارڪ کي کڻي کين مسجد ۾ وٺي ايندا هئا ۽ پاڻ باجماعت نماز ادا ڪندا هئا. ([2])
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عظيم الشان تقويٰ
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي زندگي مبارڪ جو آخري رمضان ڪريم 1339 هجريءَ ۾ هو. اهي سخت گرميءَ جا ڏينهن هئا،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami