Share this link via
Personality Websites!
473375
9237
جي ڏينهن منهنجي ناني سائين صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇي ورتو ته اي جعفر! منهنجي پيرويءَ جو حق ڇو نه ادا ڪيو؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس؟ اهو ٻڌي حضرت دائود طائي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه چيو: جڏهن پياري نبيءَ جو اولاد ئي ايترو خوفزده آهي ته مان ڪهڙي حساب ڪتاب ۾ آهيان، مان ڪيئن پنهنجن عملن تي ڀروسو ڪري سگهان ٿو! ([1])
اللہ اکبر! اهو اهلِ بيت جو عقيدو آهي ته اهي سڀ متفقه طور تي شفاعت تي يقين رکن ٿا، ۽ هي اهلِ بيت جو عمل مبارڪ آهي ته هو هر وقت (خدا کان) خوفزده رهندا آهن.
* امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شفاعت تي يقين رکندا هئا، پر سندن عمل ڪيئن هئا؟ سڄي سڄي رات نفلَ پڙهندا هئا، هڪ ئي رڪعت ۾ پورو قرآن ڪريم ختم فرمائيندا هئا ۽ سڄي سڄي رات خوفِ خدا ۾ روئندا رهندا هئا. ([2])
* اهڙي طرح غوثِ پاڪ، شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شفاعت تي يقين رکندا هئا، تنهن هوندي به 40 سالن تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا ڪيائون ۽ سالن جا سال ٻيلن ۾ مجاهدا فرمايائون. ([3]) * حضرت خواجه اجميري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه شفاعت تي يقين به رکندا هئا ۽ ان سان گڏ سڄي سڄي رات عبادت به ڪندا هئا. * بلڪ پري ڇو وڃجي، اسان جي هن خطي برصغير ۾ عقيدهءِ شفاعت جو تمام گهڻي پرچار ڪندڙ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن. پاڻ اهڙي مٺڙي انداز سان عقيدهءِ شفاعت بيان ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami