Share this link via
Personality Websites!
473374
9237
فرمائن ٿا ته سڀني اهلِ بيت جو متفقه فيصلو آهي ته قرآن جي سڀ کان وڌيڪ اميد واري آيت هي آهي ([1])
وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ(۵)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ بيشڪ ويجهو آهي جو تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.(پاره: 30، الضحى: 5)
ڇو؟ ان ڪري جو ان ۾ شفاعتِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو بيان آهي. ٻئي طرف اهلِ بيتِ پاڪ جو عملِ مبارڪ ڏسو! حضرت امام جعفر صادق رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ننڍڙا شهزادا هئا، تقريبن چار سالن جي عمر مبارڪ هئي، گهٽيءَ ۾ بيٺا روئي رهيا هئا. ڪنهن عاشق ڏٺو، ڊوڙندو حاضر ٿيو ۽ پڇيائين: اي شهزادا! ڇا معاملو آهي؟ فرمايائون: جهنم جو خوف روئاري رهيو آهي. عرض ڪيائين: شهزادا! توهان ته اڃا ننڍڙا ٻار آهيو، توهان ته گناهن کان بلڪل پاڪ آهيو. فرمايائون: ها! پر مون ڏٺو آهي ته جڏهن امڙ سائڻ باهه ٻاريندي آهي ته پهرين سنهين سنهين ڪاٺين کي باهه ۾ وجهندي آهي، جڏهن باهه ٻري پوندي آهي تڏهن ٿلهيون ڪاٺيون وجهندي آهي. مون کي ڊپ آهي ته ڪٿي اهڙي نموني مون کي به (پهريان) جهنم ۾ نه وِڌو وڃي. ([2])
حضرت دائود طائي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جيڪي تمام وڏا ولي الله هئا، هڪ ڏينهن پاڻ امام جعفر صادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ِجي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: سائين! مون کي ڪا نصيحت فرمايو! فرمايائون: اي ابوسليمان (دائود طائي)! مان ته پاڻ خوفزده آهيان، جيڪڏهن قيامت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami