Share this link via
Personality Websites!
473373
9237
الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان لاءِ به دعا فرمايو! پاڻ سڳورن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وري دعا فرمائي: اَللّٰهُمَّ اجْعَلْهُمْ مِنْ اَهْلِهَا (اي مالڪ ڪريم! انھن کي به شفاعت جو حقدار بڻاءِ). پوءِ فرمايائون: مان توهان کي گواه ڪري چوان ٿو ته جيڪو به شرڪ (۽ ڪفر) کان پاڪ رهي هن دنيا مان ويندو، منهنجي شفاعت انهن سڀني لاءِ آهي. ([1])
شَفاعت حشر میں فرماؤ گے جب خوش نصیبوں کی
مجھے کر لینا آقا اُن میں شامل یارسولَ اللہ!([2])
هي صحابه ڪرام جو شفاعت بابت عقيدو آهي. هاڻي انهن جو عمل ڏسو! * اهي بلند شان وارا سڄي سڄي رات عبادت ڪندا هئا * نفل نمازون پڙهندا هئا * نفل روزا رکندا هئا * علمِ دين سکڻ سيکارڻ لاءِ وقف ٿي ويندا هئا * ڏورانهن علائقن ۾ وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪندا هئا * خوفِ خدا مان ڳوڙها وهائيندا هئا * قرآن جي آيتن تي ڏڪي ويندا هئا.
حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جو خوفِ خدا مشهور آهي، روئي روئي سندن ڳلن تي نشان پئجي ويا هئا. سندن مشهور فرمان آهي: حَاسِبُوْا قَبْلَ اَنْ تُحَاسِبُوْا پنهنجو حساب پاڻ ڪريو ان کان اڳ جو توهان جو حساب ورتو وڃي. ([3])
ڏسو! هڪ طرف صحابه ڪرام جو شفاعت تي پڪو ايمان آهي ته ٻي طرف انهن جو عمل ڪيڏو سهڻو آهي.
اهڙي طرح اهلِ بيت پاڪ جو به اهو ئي حال هو. امام محمد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami