Share this link via
Personality Websites!
جي ايڏي وڏي بي حيائي آهي ۽ ٻئي پاسي اسان پنهنجو حال ڏسون * سماج ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو ملندا، جيڪي چوندا آهن ته مان هڪ ڀيرو مسجد ۾ ويو هئس، منهنجو بوٽ گم ٿي ويو، بس پوءِ وري ڪڏهن مسجد ئي نه ويس.
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللّٰهِ ! فقط هڪ ڀيرو اتفاقي طور نقصان ٿي ويو ته مسجد وڃڻ ئي ڇڏي ڏنائون. توهان اهڙن ماڻهن کان پڇو: ڀائو! بازار ۾ اوهان کي ڪيترا ڀيرا نقصان ٿيو آهي؟ شايد سوين ڀيرا ٿيو هوندو * ڪا شيءِ خريد ڪئي ته نقصان ٿي ويو * ڪڏهن ڀُل ۾ وڌيڪ رقم ڏئي ويٺا، پوءِ واپس نه ملي * ڪڏهن دڪاندار تور يا ماپ ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي * ڪڏهن نقلي نوٽ لڳي ويو، اهڙا ڪيترائي نقصان ٿي ويندا آهن ته پوءِ ڇا بازار وڃڻ به ڇڏي ڏيندا آهيو؟ نه ڇڏيندا آهيو نه، ته پوءِ مسجد وڃڻ ڇو ڇڏي ڏنو؟ * اهڙا به هزارين ماڻهو هوندا، جيڪي ڏاڙهي رکرائيندا آهن، پر ڪو هڪ اڌ ماڻهو کين پنهنجي اڻڄاڻائيءَ سبب طعنو ڏيندو آهي ته بس انهيءَ تي مايوس ٿي ڏاڙهي ڪوڙائي، ٻيهر گناهه جي راهه تي گامزن ٿي ويندا آهن * ڪي وري ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي سبب متنفر ٿي ويندا آهن، مثال طور: * ڪنهن ڏاڙهي واري کي ڪُوڙُ ڳالهائيندي ڏسي ورتائون ته چوندا آهن: بس، يار مولوين کان الله بچائي! اهڙن کان پڇڻ گهرجي ته: ڀاءُ! جيڪڏهن هڪ ڏاڙهي واري ڪوڙ ڳالهايو، ته ڇا سڀئي اهڙا ٿي ويا؟ نه ٿيا ته پوءِ توهان ان هڪ جي غلطيءَ جي ڪري دين کان پوئتي ڇو هٽي رهيا آهيو؟ * ڪي ماڻهو ديني اجتماع ۾ اچي ته ويندا آهن، پر سندن طبيعت ايتري ته نازڪ هوندي آهي، جو کين ڪنهن جو ڌِڪو لڳي ويو، وضو خاني ۾ پاڻي ختم ٿي ويو، يا واش روم وڃڻ لاءِ ڊگهي قطار ۾ بيهڻو پئجي ويو، ته اهڙين ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کان بيزار ٿي ٻيهر نيڪين ڏانهن اچڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami