Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! برصيصا جي واقعي تي وڌيڪ غور ڪريو! شيطان بدبخت ڪيڏو نه خبيث آهي. هي پهريان دوست بڻجي آيو، برصيصا کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ ذلت برداشت ڪرڻ جي باوجود به هو پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽيو، بلڪ پهريان کان به وڌيڪ مضبوطيءِ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، برصيصا جي عبادت خاني جي سامهون ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون بغير ننڊ ڪرڻ جي، بنا ڪنهن ٿَڪَ جي ۽ بغير ڪجهه کائڻ پيئڻ جي لڳاتار عبادت ڪندو رهيو.
توهان هن بدبخت جي بي شرميءَ تي ٿورو غور ڪريو! هي اهڙو خبيث دشمن آهي، جو ان کي جيترو به ذليل ڪيو وڃي، پوءِ به انسان جو پيڇو نه ڇڏيندو آهي، پويان لڳو وتندو آهي، وِسوسا وجهندو رهندو آهي، ڪوششون ڪندو رهندو آهي. سندس هڪ وسوسو رد ڪيو وڃي ته ٻيو وجهندو آهي، ٻيو رد ڪيو وڃي ته ٽيون وجهندو آهي. هن کي ذليل ڪريو! اَعُوْذُ بِاللّٰهِ پڙهي ساڙيو! يا لَا حَوْلَ شريف پڙهي کيس ڀڄايو! پر هي ايترو ته نَڪ جو پَڪو آهي، جو پوئتي هٽڻ جو نالو ئي نه وٺندو آهي. ايتري قدر جو ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جڏهن انسان کي قبر ۾ لاٿو ويندو آهي، ته ان وقت به شيطان مُردي سان گڏ قبر ۾ لهي ويندو آهي ۽ اتي به منڪر نڪير جي سوالن جا جواب ڏيڻ وقت انسان کي ڀُلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ طرف ته اسان جي هن نهايت ئي خبيث دشمن
[1] نوادر الاصول، الاصل السابع والسبعون والمائتان فی الحکمۃ فی فتانی القبر، جلد:2، صفحہ:387 ماخوذاً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami