Share this link via
Personality Websites!
انڪار ڪري ڇڏيو * شيطان وري چيو: ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏ! برصيصا ان تي به راضي نه ٿيو * پوءِ شيطان چيو: ڀلا شراب پي وٺ! هن ڀيري برصيصا راضي ٿي ويو. هُن شراب خريد ڪيو ۽ پي ڇڏيائين. هاڻي جڏهن کيس نشو چڙهيو ته انهيءَ نشي جي حالت ۾ زنا به ڪري ويٺو ۽ ناحق قتل جو گناهه به ڪري ويٺو. جڏهن هن اهڙا سنگين ڏوهه ڪيا ته کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن هُن کي ڦاسيءَ جي تختي تي چاڙهيو ويو، تڏهن شيطان وٽس آيو ۽ کيس چيائين: مان توکي بچائي سگهان ٿو، بس منهنجي هڪ ڳالهه مڃ! الله پاڪ جو انڪار ڪري مون کي سجدو ڪر. هاءِ! افسوس! 200 سال گناهن کان بچي عبادت ڪرڻ وارو برصيصا شيطان جي ڄارَ ۾ ڦاسي پيو ۽ شيطان کي سجدو ڪري ڇڏيائين. جيئن ئي هُن اِهو ڪفر ڪيو ته ان ئي وقت کيس موت اچي ويو ۽ هِي بدبخت ايمان کان ڦِري، مرتد ٿي دنيا مان هليو ويو ...!! ([1])
اي عاشقانِ رسول! ڊڄڻ جو مقام آهي، خوف ڪرڻ جي ڳالهه آهي. جڏهن 200 سال عبادت ۾ گذارڻ واري، هڪ به گناهه نه ڪرڻ واري شخص جو اهڙو عبرتناڪ انجام ٿيو ته پوءِ اسان، جيڪي گنهگار آهيون، ڏينهَن ۽ رات الائي ڪهڙا ڪهڙا گناهه ڪندا رهندا آهيون، پنهنجي انجام کان ڪيئن بي فڪر رهي سگهون ٿا...!!
مجھے ایسے عمل کی دے توفیق کہ ہو راضی تری رضا یاربّ!
جس نے اپنے لیے برائی کی ہے یہ نادان وہ برا یاربّ!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami