Share this link via
Personality Websites!
پر افسوس! الله پاڪ جي ڳجهي تدبير غالب آئي ۽ برصيصا پنهنجي سڄي محنت ضايع ڪري جهنم جو حقدار بڻجي دنيا مان رخصت ٿي ويو.
واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري شيطان انساني شڪل اختيار ڪري برصيصا وٽ پهتو ۽ سندس عبادت خاني جي ٻاهران بيهي کيس سڏ ڪيائين. برصيصا وراڻيو: جيڪو الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ چاهيندو هجي، ان کي ڪنهن دوست جي ضرورت نه آهي. اِهو جواب ٻڌي شيطان سندس عبادت خاني جي ٻاهران ڌرڻو هڻي ويهي رهيو.
هاڻي هِن بدبخت جو گمراهه ڪرڻ جو انداز ڏسو! شيطان خبيث ٽي ڏينهن لڳاتار اُن جي عبادت خاني جي ٻاهران عبادت ڪندو رهيو. ان دوران نه ننڊ ڪيائين ۽ نه ئي ڪجهه کاڌائين، پيتائين. جيئن ته هِي انساني شڪل ۾ هو ۽ برصيصا ان کي انسان ئي سمجهي رهيو هو، تنهنڪري هي سندس عبادت ڏسي تمام گهڻو متاثر ٿيو. برصيصا کانئس پڇيو: مون کي عبادت ڪندي ٻه سؤ سال گذري ويا آهن، پر اڃان تائين مون کي اِهو رُتبو حاصل نه ٿيو آهي. مون کي ننڊ جي به ضرورت پوندي آهي ۽ مان کاڌي پيتي جو به محتاج آهيان. (ڪاش! مان به تو جيان عبادت ڪري سگهان ها...!! توکي هي مرتبو ڪيئن حاصل ٿيو آهي؟)
شيطان وراڻيو: اصل ڳالهه هيءَ آهي ته مون کان هڪ گناهه ٿي ويو هو. جڏهن مون کي اهو گناهه ياد ايندو آهي ته منهنجي هيءَ حالت ٿي ويندي آهي، پوءِ نه مون کي بک لڳندي آهي، نه اڃ لڳندي آهي ۽ نه ئي ننڊ ايندي آهي. جيئن ته تو ڪڏهن ڪو گناهه ڪيو ئي ناهي، تنهنڪري تنهنجي اهڙي ڪيفيت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami