Share this link via
Personality Websites!
آهن. اِهو ٻڌي شيطان ٻاهر نڪتو، اوڀر ۽ اولهه جو چڪر لڳايائين، جڏهن بيت المقدس جي ويجهو پهتو ته ڏٺائين ته حضرت عيسيٰ عَلَيْهِ السَّلَام جي ولادت ٿي چڪي آهي ۽ فرشتا سندن چوڌاري موجود آهن. شيطان واپس پنهنجن شاگردن وٽ آيو ۽ کين چيائين: اڄ هڪ نبي عَلَيْهِ السَّلَام جي ولادت ٿي آهي ۽ اڄ کان پوءِ غير الله جي عبادت ختم ٿي ويندي، تنهنڪري اڄ کان انسانن کي جلد بازيءَ ۾ مبتلا ڪري مٿن حملا ڪريو...!![1]
اللہُ اکبر! معلوم ٿيو ته جڏهن شيطان مايوس ٿي ويندو آهي ته پوءِ جلد بازيءَ جي ذريعي حملو ڪندو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته جلد بازي شيطان جو لڪيل هٿيار آهي، جنهن کي هُو صرف ضرورت جي وقت ئي ڪڍندو آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته جلد بازيءَ کان به بچندا رهون. توهان حالتن تي غور ڪريو! * ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي باقاعدي نماز پڙهڻ جي لاءِ گهران نڪرندا آهن، مسجد ۾ ايندا آهن، نماز به پڙهندا آهن، پر نه ڄاڻ نماز جي دوران انهن کي ڇا ياد اچي ويندو آهي جو نماز ۾ جلد بازي کان ڪم وٺندا آهن، جنهن جي ڪري نه رڪوع صحيح نموني ادا ٿيندو آهي، نه سجدو درست ٿيندو آهي، نه قومه مڪمل ڪندا آهن، نه جلسي ۾ پوري طرح ويهندا آهن، بس ڪجهه ئي منٽن ۾ سترهن (17) رڪعتون پڙهي هليا ويندا آهن.
يعني پڙهيل نماز به نه پڙهيل نماز جهڙي بڻائي ڇڏيندا آهن * اهڙي طرح وضو ڪرڻ ۾ به جلد بازي ٿيندي آهي * تلاوت جي وقت به شيطان جلد بازي ۾ مُبتلا ڪرائيندو آهي ۽ نيڪين کان محروم ڪرائي ڇڏيندو آهي، مختصر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami