Share this link via
Personality Websites!
سندس مال ضايع ٿي وڃي * ڪنهن کي وڏي مرتبي تي ڏسي دل جلائڻ ۽ اها خواهش ڪرڻ ته هن کان ڪا اهڙي غلطي ٿي وڃي جو سندس اِهو مقام ۽ مرتبو کانئس کسجي وڃي ۽ هو ذليل ۽ خوار ٿي وڃي * هيءَ خواهش رکڻ ته فلاڻو هميشه تنگدست ئي رهي، ڪڏهن به خوشحال نه ٿئي * فلاڻي کي ڪڏهن عزت، مانُ ۽ مرتبو نه ملي، هو سدائين ذلت ۾ ئي زندگي گذاري، اهڙي مذموم خواهش جو نالو حسد آهي.
* حديث پاڪ ۾ آهي: توهان ۾ اڳين اُمتُن جي بيماري، يعني حسد ۽ بغض، گَهر ڪري وئي آهي. اِها ڪُوڙي ڇڏڻ واري آهي، مان اِهو نه ٿو چوان ته اُها وارَ ڪُوڙي ڇڏيندي آهي، پر اُها دين کي ڪُوڙي ڇڏيندي آهي.[1]
يعني اِهي بيماريون دين ۽ ايمان کي پاڙئُون پَٽي ڇڏينديون آهن، ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو بغض ۽ حسد جي ڪري اسلام ئي ڇڏي ڏيندو آهي. شيطان به انهن ئي ٻنهي بيمارين جو ماريل آهي.[2]
هڪ روايت ۾ آهي: اَلْحَسَدُ يُفْسِدُ الْإِيمَانَ كَمَا يُفْسِدُ الصَّبِرُ الْعَسَلَ يعني حسد ايمان کي اهڙيءَ طرح خراب ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن ايلوا (هڪ ڪوڙو ٻوٽو) ماکيءَ کي خراب ڪري ڇڏيندو آهي. [3]
رسولِ رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اِيَّاكُمْ وَالْحَسَدَ، فَإِنَّ الْحَسَدَ يَأْكُلُ الْحَسَنَاتِ كَمَا تَأْكُلُ النَّارُ الْحَطَبَ يعني حسد کان بچو، ڇوته اِهو نيڪين کي اهڙي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami