Share this link via
Personality Websites!
ويٺو. حضرت نوح عَلَيْهِ السَّلَام کيس ڏٺو ته فرمايائون: اي الله پاڪ جا دشمن! هتان نڪري وڃ. شيطان چوڻ لڳو: اي نوح عَلَيْهِ السَّلَام! 5 شيون اهڙيون آهن، جن جي ذريعي مان ماڻهن کي گمراهه ڪندو آهيان. انهن مان 3 مان اوهان کي ٻڌايان ٿو (بس مون کي ٻيڙيءَ مان نه لاهيو). پاڻ عَلَيْهِ السَّلَام فرمايو: تون 3 کي ڇڏي ڏي، باقي جيڪي 2 آهن، اُهي ٻڌاءِ. شيطان چوڻ لڳو: اُهي 2 اهڙيون شيون آهن، جن جي ذريعي مان ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندو آهيان ۽ انهن جي ذريعي ئي مان ماڻهن کي تباهيءَ جي ڪناري تائين پهچائي ڇڏيندو آهيان. پوءِ ان ملعون پنهنجا اُهي 2 بدترين ڄارَ ٻڌائيندي چيو: (1): انهن مان هڪ حرص آهي (2): ۽ ٻيو حسد آهي.[1]
اي عاشقانِ رسول! نوٽ ڪريو! حرص ۽ حسد شيطان جا 2 ڄار آهن ۽ اِهي اهڙا ڄار آهن، جن جي ذريعي هي بدبخت انسان کي گمراهيءَ جي ڪناري تائين وٺي ويندو آهي.
هاءِ! افسوس! اڄ اسان جي اڪثريت حرص ۽ حسد ۾ گرفتار نظر اچي رهي آهي * جي ها، حرص جي ڪري ئي ته وياج جي ڏيتي ليتي ٿي رهي آهي * حرص جي ڪري ئي ته ملاوٽ ۽ ماپ تور ۾ گهٽتائي جهڙو گناهه ڪيو ويندو آهي * حرص جي ڪري ئي رشوت عام ٿي وئي آهي * حرص جي ڪري ئي قتل ٿي رهيا آهن * ڀُنگَ لاءِ اغوائون ٿي رهيون آهن * وڏي توڙي ننڍي پيماني تي ڏوهن جي بازار گرم ڪئي ويندي آهي * سچي ڳالهه اها آهي ته جنهن کي به موقعو ملندو آهي، اُهو حرص ۾ اچي ڪجهه نه ڪجهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami