Share this link via
Personality Websites!
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: پنهنجين نيڪين کي وساري ڇڏڻ ۽ گناهن کي ياد رکڻ عبادت آهي. ([1])
پر افسوس! اسان وٽ ان جي ابتڙ رواج آهي. ماڻهو نيڪيون ياد رکندا آهن ۽ گناهه وساري ڇڏيندا آهن * هڪ ڀيرو پڙهيل تهجد ياد هوندو آهي، پر 50 ڏينهن جون قضا ٿيل نمازون ياد نه هونديون آهن * ڪجهه ماڻهو وڏي فخر سان چوندا آهن ته هن ڀيري مان رمضان شريف جا 10 روزا رکيا، پر ڪو انهن کي ٻڌائي ته ڀاءُ! توهان 20 روزا قضا ڪري ڇڏيا! * مسجد ۾ ڏنل 10 رپيا ياد هوندا آهن، پر واپار ۾ ٺڳي ڪري ڪمايل هزارين رپيا وسري ويندا آهن. ياد رکو! هيءَ تمام ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. پنهنجن گناهن کي وساري ڇڏڻ شيطان جو انتهائي خطرناڪ ڄار آهي. جڏهن ماڻهو پنهنجن گناهن کي وساري ويهندو آهي ته شيطان مٿس غالب اچي ويندو آهي، تنهنڪري پنهنجن گناهن کي هميشه ياد رکو. هي هڪ اهڙو طريقو آهي، جنهن سان اسان جي دل ۾ رقت پيدا ٿيندي، دل ۾ الله پاڪ جو خوف پيدا ٿيندو ۽ اسان رب ڪريم جي پڪڙ کان ڊڄي توبهه به ڪندا رهنداسين ۽ آئنده گناهن کان به بچندا رهنداسين.
حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جيڪي تمام وڏا ولي الله هئا. سندن سيرت ۾ اچي ٿو ته ننڍپڻ ۾ کانئن هڪ گناهه ٿي ويو هو، جيتوڻيڪ نابالغ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami