Share this link via
Personality Websites!
لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِیْمَۙ(۱۶) ثُمَّ لَاٰتِیَنَّهُمْ مِّنْۢ بَیْنِ اَیْدِیْهِمْ وَ مِنْ خَلْفِهِمْ وَ عَنْ اَیْمَانِهِمْ وَ عَنْ شَمَآىٕلِهِمْؕ-وَ لَا تَجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِیْنَ(۱۷)(پارو: 8، سورة اعراف: 17-16)
ترجموڪنزالعرفان: مان ضرور تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن جي تاڙ ۾ ويهندس. پوءِ ضرور مان انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان ۽ انهن جي ساڄي ۽ انهن جي کاٻي کان انهن وٽ ايندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه لھندين.
اللہُ اکبر! هي بدبخت باقاعدي اعلان ڪري رهيو آهي ته مان صراطِ مستقيم (يعني سڌي واٽ تي، نماز جي راهه تي، روزن جي راهه تي، تلاوت جي رستي تي، نيڪين جي رستي تي) تي ويهي رهندس ۽ تنهنجن ٻانهن تي اڳيان کان، پٺيان کان، ساڄي کان، کاٻي کان، هر طرف کان حملو ڪندس ۽ کين گمراهه ڪندو رهندس.
محبوبِ خدا سر پہ اَجل آ کے کھڑی ہے شیطان سے عطاؔر کا ایمان بچا لو![1]
معلوم ٿيو ته شيطان اسان جو نهايت سخت دشمن آهي ۽ هن انسانن کي گمراهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي شيطان جي گمراهه ڪندڙ چالن کان بچڻ گهرجي، هي اسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، هُن کي دشمن ئي سمجهڻ گهرجي. ظاهر آهي ته جڏهن اسان ان جي مڪارين ۽ فريبن کي نه سمجهي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami