Share this link via
Personality Websites!
اِنَّ الشَّیْطٰنَ لَكُمْ عَدُوٌّ فَاتَّخِذُوْهُ عَدُوًّاؕ- (پارو: 22، سورة فاطر: 6)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي سو توهان به ان کي دشمن سمجهو.
يعني اي انسانو! الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪندي شيطان سان دشمني ڪيو!. ۽ الله پاڪ جي نافرماني ڪندي شيطان جي پيروي نه ڪيو! هر حال ۾ ان کي هميشه دشمن ئي سمجهندا رهو. ([1])
هڪ ٻِي هنڌ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
اَفَتَتَّخِذُوْنَهٗ وَ ذُرِّیَّتَهٗۤ اَوْلِیَآءَ مِنْ دُوْنِیْ وَ هُمْ لَكُمْ عَدُوٌّؕ-بِئْسَ لِلظّٰلِمِیْنَ بَدَلًا(۵۰)
(پارو: 15، سورة ڪهف: 50)
ترجموڪنزالعرفان: سو (اي انسانو!) ڇا توهان ان کي ۽ ان جي اولاد کي مون کان سواءِ دوست بڻايو ٿا جڏهن ته اهي توهان جا دشمن آهن، ظالمن جي لاءِ ڪهڙو نه برو بدلو آهي.
يعني اي انسانو! ڇا توهان شيطان ۽ سندس اولاد کي مون کان سواءِ پنهنجو دوست بڻايو ٿا؟ يعني منهنجي بندگي ڇڏي ان جي پيروي ڪريو ٿا....!! جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته شيطان به ۽ سندس اولاد به توهان جا دشمن آهن. ته پوءِ شيطان، سندس اولاد ۽ جيڪو به انهن جي پيروي ڪري، سڀ ظالم آهن ۽ ظالمن لاءِ تمام بُرو بدلو آهي. ([2])
اللہُ اکبر! اي عاشقانِ رسول! ڪيڏي نه واضح ڳالهه آهي، غور ته ڪريو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami