Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪريو! شيطان ڪيترو خبيث آهي. هن بدبخت کي خبر هئي ته انبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلَام تي سندس ڪو به زور نه ٿو هلي سگهي، پر تنهن هوندي به جڏهن حضرت ابراهيم عَلَيْهِ السَّلَام حضرت اسماعيل عَلَيْهِ السَّلَام کي قربان ڪرڻ جي لاءِ مِنيٰ ڏانهن روانا ٿيا ته هي بدبخت وسوسا وجهڻ لاءِ آيو. پاڻ عَلَيْهِ السَّلَام ان کي پٿريون هنيون، هِي زمين جي اندر غرق ٿي ويو، ٻيهر آيو، ٻيهر پٿريون کاڌائين. ٽِيهر آيو، وري به پٿريون کاڌائين ۽ زمين جي تَهه تائين غرق ٿي ويو.[1]
توهان ڏسو ته صحيح! ڪيڏي نه ذلت برداشت ڪري رهيو آهي، پر پوءِ به باز نه اچي رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي اسان آهيون، جيڪي ٿورڙي ڳالهه تي نيڪيءَ کان پوئتي هٽي ويندا آهيون. پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دشمن کان چار قدم اڳتي رهڻو پوندو آهي. شيطان خبيث جيترو هٺيلو ۽ ضِدي آهي، اسان کي نيڪين تي ان کان چار ڀيرا وڌيڪ ثابت قدم رهڻ گهرجي، تڏهن ئي اسان هن خبيث کان بچي سگهنداسين.
نفس و شیطان ہوگئے غالِب ان کے چُنگل سے تُو چُھڑا یاربّ!
کر کے توبہ میں پھر گناہوں میں ہو ہی جاتا ہوں مُبتَلا یاربّ!
الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami