Share this link via
Personality Websites!
472967
9219
وَ اَنِّیْ فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعٰلَمِیْنَ(۴۷)(پارہ:1، البقرۃ:47)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ هي ته مون توهان کي ان سڄي زماني تي فضيلت عطا فرمائي.
يعني بني اسرائيل پنهنجي زماني ۾ تمام جهانن کان افضل هئا. هتي سوال اهو آهي ته جڏهن بني اسرائيل کي اها فضيلت ڏني وئي هئي، ته پوءِ انهن کان اها فضيلت واپس ڇو ورتي وئي؟ ڪهڙو سبب هو جو اهي پنهنجي زماني ۾ ته سڀني کان افضل هئا پر هاڻي افضل نه رهيا؟ جيڪڏهن اسان قرآنِ ڪريم کي گهري نظر سان پڙهون ته خبر پوي ٿي ته ڪيترائي اهڙاسبب هئا جن جي ڪري بني اسرائيل کان فضيلتن جو اهو تاج واپس ورتو ويو. اچو ته انهن مان ڪجهه سبب ٻڌون ۽ اسان کي هي ذهن ۾ رکي ٻڌڻو آهي ته هي اهي ڪهڙا ڪهڙا سببَ آهن جن سان نعمتون کسجي وينديون آهن، تنهنڪري اسان کي اهڙن ڪمن کان بچڻو آهي.
بني اسرائيل کان فضيلتن جو تاج کسجي وڃڻ جو هڪ وڏو سبب اهو هو ته اهي نبين جا گستاخ هئا. سڀ نه، انهن ۾ ڪيترائي نيڪ ماڻهو ۽ اولياءُ الله به هئا، پر مجموعي طور تي هڪ وڏو تعداد انهن جو هو جيڪي نبين جي گستاخي ڪندا هئا. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ ضُرِبَتْ عَلَیْهِمُ الذِّلَّةُ وَ الْمَسْكَنَةُۗ-(پاره 1، البقره: 61)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن تي ذلت ۽ غربت مسلط ڪئي وئي.
يعني بني اسرائيل تي ذلت ۽ مسڪيني نافذ ڪئي وئي.
وَ بَآءُوْ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِؕ(پاره 1، البقره: 61)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اهي خدا جي غضب جا مستحق ٿي ويا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami