Share this link via
Personality Websites!
472966
9219
تشريف کڻي ويا، جتي پاڻ بني اسرائيل ۾ پرورش پاتي. ([1]) بخت نصر جي موت کان پوءِ واپس مڪي مڪرمه تشريف کڻي آيا. ([2])
حضرت ابوامامه باهلي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: حضرت مَعَد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اولاد مان 40 ماڻهن بني اسرائيل جي هڪ لشڪر تي حملو ڪري ڏنو، تنهنڪري حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ چاهيو ته انهن لاءِ هلاڪت جي دعا ڪن، پر الله پاڪ وحي فرمائي ته: اي موسيٰ! انهن لاءِ نقصان جي دعا نه ڪريو، بيشڪ مان انهن مان بشير و نذير نبي، نبي اُمّي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پيدا فرمائيندس. ([3])
سبحان الله! هي اسان جي آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي نسبِ پاڪ جي فضيلت آهي...!! ڪنهن عاشق ڇا ته خوب چيو آهي:
تَنْقُلُ اَحْمَدُ نُوْرًا عَظِیْمًا تَلَأْلَأُ فِیْ جَبَاہُ السَّاجِدِیْنَا
تَقَلَّبَ فِیْہِمْ قَرْنًا فَقَرْنًا اِلٰی اَنْ جَاءَ خَیْرُ الْمُرْسَلِیْنَا([4])
وضاحت: احمدِ مجتبيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو عظمت وارو نور، ساجدين (نمازي ۽ عبادت گذارن) جي پيشانيءَ ۾ چمڪندڙ نسل در نسل منتقل ٿيندو رهيو، تان جو پاڻ خير المرسلين بڻجي دنيا ۾ تشريف کڻي آيا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيتِ ڪريمه ٻڌي، الله پاڪ بني اسرائيل جي باري ۾ فرمايو:
[1]...سبل الهدى ، الباب الرابع فی شرح اسماء آبائہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، ابن معد، جلد:1، صفحہ:293 خلاصۃً۔
[2]...السیرۃ النبویہ لزینی دہلان، باب فيما ورد لسان الانبياء...الخ، جلد:1، صفحہ:20 بتغیر قلیل۔
[3]...معجم كبير، جلد:4، صفحہ:276، حدیث:7514 خلاصۃً۔
[4]... حاوی للفتاوٰی، الفتاوٰی الاصولیۃ الدینیۃ، مسالک الحنفاءفی والدی المصطفیٰ، صفحہ:627۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami