Share this link via
Personality Websites!
472962
9219
ويو: يٰبَنِىْٓ اِسْرَاۤءِيْلَ اذْكُرُوْا (اي يعقوب جا اولاد! ياد ڪريو.) هتي اُذْكُرُوْا جي معنيٰ آهي اُشْکُرُوْا يعني اي بني اسرائيل! شڪر ادا ڪريو! ([1]) ۽ ان شڪر جو انداز ڪهڙو هوندو؟ ڪلمو پڙهي اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جا غلام بڻجي وڃو!
تھام لے دامنِ شاہِ لَوْلَاک تُو سچّی تَوبہ سے ہو جائے گا پاک تُو([2])
هاڻي اهي نعمتون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن جيڪي بني اسرائيل تي ڪيون ويون؟ انهن مان هڪ نعمت الله پاڪ هن آيتِ سڳوري ۾ ذڪر فرمائي آهي، ارشاد ٿئي ٿو:
وَ اَنِّيْ فَضَّلْتُكُمْ عَلَى الْعٰلَمِيْنَ ۽ هي ته مون توهان کي ان سڄي زماني تي فضيلت عطا فرمائي.
يعني اي بني اسرائيل! ياد ڪريو! حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام کان وٺي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلامُ تائين جيڪو هزارين سالن جو عرصو آهي، * ان پوري عرصي ۾ پوري دنيا ۾، تمام قومن تي توهان کي فضيلت بخشي وئي. ان پوري عرصي ۾ سڀ کان افضل توهان هيوَ. * تقريبن 4 هزار انبياءِ ڪرام توهان ڏانهن موڪليا ويا. * 4 وڏن آسماني ڪتابن مان 3 ڪتاب؛ توريت، انجيل ۽ زبور توهان جي زبان ۾ توهان لاءِ ئي لاٿا ويا. *ايتري عرصي تائين وحيِ الاهي توهان لاءِ ئي نازل ٿيندي رهي. * آسماني ڪتابن جا خزانا توهان وٽ ئي رهيا. * آسماني دين جو علم توهان وٽ ئي رهيو. * تمام جهانن جا سردار توهان رهيا. * وڏا وڏا عادل بادشاهه توهان ۾ پيدا ڪيا ويا. * وڏا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami