Share this link via
Personality Websites!
472961
9219
يعني اهي نعمتون جيڪي هزارين سالن تائين الله پاڪ توهان جي ابن ڏاڏن تي ۽ انهن جي وسيلي سان توهان تي فرمائيندو رهيو آهي، انهن نعمتن کي ياد ڪريو! ۽ شڪراڻي طور الله پاڪ جي فرمانبرداري اختيار ڪريو ۽ اسان جي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي وڃو!
هن مقام تي عالمن سڳورن تمام خوبصورت وضاحت فرمائي آهي. لکن ٿا ته: بني اسرائيل کي نعمتون ياد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، هاڻي نعمتن کي ياد ڪرڻ جا انداز مختلف هوندا آهن. اسان تي به الله پاڪ جا تمام گهڻا انعام آهن، ايتريون نعمتون آهن جو ڳڻي نٿا سگهون. اسان به ڪڏهن ڪڏهن انهن نعمتن کي ياد ڪندا آهيون پر ڪيئن ڪندا آهيون؟ ڪڏهن ٻين تي فخر ڪري رهيا هوندا آهيون، مثال طور: ڏسو! * مان گاڏين وارو آهيان، * مان بنگلن وارو آهيان، * مان مال ۽ دولت وارو آهيان، * مان وڏو امير آهيان، مان عهدي وارو آهيان، * مان فلاڻو سيٺ آهيان. اهڙيون ڳالهيون ڪري ماڻهو ٻين کي نيچ ڏيکاريندا آهن. هي به نعمتن کي ياد ڪرڻ جو ئي هڪ انداز آهي پر هن ۾ فخر آهي، ٻين کي حقير سمجهڻ آهي، ان ڪري عالمن سڳورن لکيو آهي ته: فخر جي طور تي نعمتن کي ياد ڪرڻ حرام آهي (ڇو ته ان ۾ تڪبر ۽ خودپسندي شامل آهي). ([1])
ائين ئي نعمتن کي ياد ڪرڻ جو هڪ انداز شڪر وارو بہ هوندو آهي. مثال طور اسان چئون ٿا: * الحمد لله! منهنجون اکيون سلامت آهن، * الحمد لله! منهنجا هٿ سلامت آهن، * الحمد لله! منهنجا پير سلامت آهن، * الحمد لله! الله پاڪ ڪنهن جو محتاج ناهي ڪيو. ائين شڪر واري لهجي ۾ ٻانهو نعمتن کي ياد ڪندو آهي. هي جيڪو انداز آهي، اهو دل ۾ الله پاڪ جي محبت وڌائيندو آهي. ان ڪري عالمن سڳورن فرمايو: بني اسرائيل کي چيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami