Share this link via
Personality Websites!
472975
9219
عَفو کر اور سدا کے لئے راضی ہو جا
گر کرم کر دے تَو جنّت میں رہوں گا یاربّ!([1])
نافرمانيءَ ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو
حضرت جُبَير بن نُفَير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مسلمانن قُبْرُص فتح ڪيو، ته مون ڏٺو ته صحابيِ رسول حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اڪيلائيءَ ۾ ويٺا روئي رهيا هئا. مان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيو: سائين! اڄ ته الله پاڪ مسلمانن کي ڪافرن تي غلبو عطا فرمايو آهي (يعني اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي) ۽ توهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهيو؟ حضرت ابو درداء رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمايو: اي جبير! غور ته ڪر...! جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي، اهو پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ ڪيڏو بي وقعت (ذليل) ٿي ويندو آهي. قبرص جا رهاڪو ڪيڏي غلبي ۽ عزت وارا هئا، پر جڏهن انهن الله پاڪ جا احڪام ڇڏيا ۽ پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته سندن هي حال ٿيو (ته اڄ کين شڪست ملي ۽ ذليل و خوار ٿي ويا). ([2])
نافرماني ذلت ۽ رسوائيءَ جو سبب آهي
اي عاشقانِ رسول! الله ۽ رسول جي نافرماني ذلت ۽ خواريءَ جو سبب آهي. جيڪو ٻانهو الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندو رهندو آهي، توبه ناهي ڪندو ۽ الله جي طرف رجوع ناهي ڪندو، اهو الله جي بارگاهه ۾ ذليل و خوار ٿي ويندو آهي ۽ بارگاھِ الاهي ۾ ان جي ڪا وقعت (عزت) باقي ناهي رهندي. ۽ جيڪو ٻانهو الله جي بارگاهه ۾ ذليل ٿي وڃي، ان کي ڪٿي به عزت ناهي ملندي. سپارو 17، سوره حج، آيت 18 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami