Share this link via
Personality Websites!
472972
9219
شرح ۾ فرمائن ٿا: ان طرح جو دين ۽ ايمان کي پاڙ کان ختم ڪري ڇڏي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن انسان بغض ۽ حسد ۾ اسلام ئي ڇڏي ڏيندو آهي، شيطان به انهن ٻن بيمارين جو ماريل آهي. ([1])
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْحَسَدُ یُفْسِدُ الْاِیْمَانَ کَمَا یُفْسِدُ الصَّبِرُ الْعَسَلَ حسد ايمان کي ائين بگاڙي ڇڏيندو آهي، جيئن ايريو (هڪ ڪڙي وڻ جو رس) ماکيءَ کي بگاڙي ڇڏيندو آهي." ([2])
بَوقتِ نَزع سلامت رہے مِرا اِیماں
مجھے نصیب ہو توبہ، ہے التجا یاربّ!([3])
پيارا اسلامي ڀائرو! انهن روايتن مان معلوم ٿيو ته حسد ايمان کسيندڙ بيماري آهي، ان ڪري اسان کي کپي ته حسد کان بچون. الله پاڪ جنهن کي جيڪو عطا ڪيو آهي، درست عطا ڪيو آهي ۽ مون کي جيڪو عطا فرمايو آهي، منهنجي حق ۾ اهو ئي بهتر آهي، بس هي پنهنجو ذهن بنائي رکون. ان جي برڪت سان اِن شآءَ الله الڪريم! حسد جي آفت کان محفوظ رهنداسين.
الله پاڪ اسان کي هن بري آفت کان محفوظ فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! بني اسرائيل سڀني قومن کان افضل هئا، پر ذليل ۽ خوار ڇو ٿيا؟ ان جو هڪ سبب سرڪشي به آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
ذٰلِكَ بِمَا عَصَوْا وَّ كَانُوْا یَعْتَدُوْنَ۠(۶۱)(پاره 1، البقره: 61)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami