Share this link via
Personality Websites!
472970
9219
ان ڪري کانئن فضيلت کسي وئي. بني اسرائيل هن حسد جي بيماريءَ ۾ ڪهڙي حد تائين ڪِري چڪا هئا، ان جو هڪ عبرتناڪ واقعو ٻڌو!ڪعب بن اشرف جيڪو بني اسرائيل جو هڪ امير ڪبير شخص هو ۽ تمام وڏو گستاخِ رسول به هو، اهو هڪ ڀيرو پنهنجي 70 ساٿين کي وٺي مڪي مڪرمه پهتو ۽ مڪي جي ڪافرن کي چوڻ لڳو: توهان محمد (صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم) سان جنگ ڪريو! اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين. قريش چوڻ لڳا: ڏسو! توهان ماڻهو به ڪتابي آهيو (يعني آسماني دين تي هلندڙ آهيو، الله کي هڪ مڃيندڙ آهيو)، تنهنڪري اسان توهان تي يقين نٿا ڪري سگهون. ڪهڙي خبر ته توهان اسان کي جنگ لاءِ اڀاريو ۽ پوءِ جنگ جي دوران اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو! ان ڪري پهرين اسان کي يقين ڏياريو ته توهان اسان سان گڏ آهيو...!! ڪعب بن اشرف ۽ ان جا ساٿي چوڻ لڳا: توهان کي ڪهڙو يقين کپي؟ قريش چيو: ڏسو! توهان ماڻهو به مسلمانن وانگر هڪ خدا جي عبادت ڪريو ٿا، توحيد جا مڃيندڙ آهيو. جيڪڏهن توهان پنهنجو هي عقيدو ڇڏي ڏيو ۽ اسان جي انهن (ڪوڙن) خدائن جي اڳيان سجدو ڪريو ته اسان مڃينداسين ته توهان اسان سان گڏ آهيو...!! هي ٻڌي ڪعب بن اشرف ۽ ان جي ساٿين ٿوري به دير نه ڪئي، فوراً انهن پٿرن جي اڳيان سجدي ۾ ڪِري پيا. ان تي الله پاڪ هي آيتِ سڳوري نازل فرمائي، ارشاد ٿيو:
اَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِیْنَ اُوْتُوْا نَصِیْبًا مِّنَ الْكِتٰبِ یُؤْمِنُوْنَ بِالْجِبْتِ وَ الطَّاغُوْتِ(پاره 5، النساء: 51)
ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڪتاب جو هڪ حصو مليو اهي بت ۽ شيطان تي ايمان آڻن ٿا.
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڇا ماڻهو حسد جي باهه ۾ سڙي ايترو به ڪِري سگهي ٿو...!! بني اسرائيل ڄاڻندا هئا، دل سان مڃيندا هئا ته محمد مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سچا نبي آهن. هي اهي ئي هئا جيڪي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami