Share this link via
Personality Websites!
472969
9219
جون دليون ٽيڏيون ڪيون ويون. ان مان معلوم ٿيو ته نعمت ان لاءِ ئي نعمت رهندي آهي جيڪو نبيءَ جو باادب هوندو آهي. فضيلت، عظمت ۽ عزت ان کي ئي ملندي آهي جيڪو نبيءَ جو ادب ڪندڙ هوندو آهي.
ڏسو! ابولهب پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو چاچو هو پر هن بي ادبي ڪئي ته الله کيس تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. پر حضرت بلال رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ حبشه جا رهاڪو هئا، غلامي واري زندگي گذاريندا هئا، پر نبي اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا عاشق بڻيا ته الله کين قيامت تائين اچڻ وارن جوسردار بڻائي ڇڏيو.
اِقؔبال کس کے عشق کا یہ فیضِ عام ہے
رُومی فنا ہوا، حبشی کو دوام ہے
وضاحت: يعني هي ڪهڙي هستيءَ جي عشق جو فيض آهي جو سڪندر رومي جهڙو سڄي دنيا تي حڪومت ڪندڙ بادشاهه مٽجي ويو، پر صحابيِ رسول حضرت بلال رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُ عشقِ رسول جي برڪت سان هميشه دلين تي حڪومت حاصل ڪري ويا.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي کپي ته هميشه باادب رهون، نبين جا باادب رهون، ولين جا باادب رهون، صحابه ۽ اهلِ بيتِ پاڪ جو به هميشه ادب، ادب ۽ ادب ئي ڪيون. ڇو ته:
باادب بانصيب، بي ادب بينصيب!
پيارا اسلامي ڀائرو! بني اسرائيل کان فضيلت ڇو کسجي وئي، ان جو ٻيو سبب حسد آهي. حسد چوندا آهن ساڙ کي. ڪنهن وٽ ڪا نعمت ڏسي ان سان ساڙ ڪرڻ، اها تمنا ڪرڻ ته کانئس اها نعمت کسجي وڃي، چاهي پوءِ اها مون کي ملي يا ان وٽ به نه رهي.[1] بني اسرائيل حسد ڪرڻ وارا هئا،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami