Share this link via
Personality Websites!
انهن جي هن ڪم کي دل ۾ خراب سمجهندي عارضي طور خاموشي اختيار ڪريو، محلي وارن کي، پنهنجن دوستن يارن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهو ۽ گهر ۾ صرف پنهنجو سٺو ڪردار ڏيکاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ ڏينهن اُهو وقت ايندو جو توهان جا گهر وارا پاڻ ئي توهان جي ڳالهه سمجهي ويندا * اهڙي طرح جيڪڏهن اسان پنهنجن ڪاروباري معاملن کي به ڏسون * گهريلو معاملن تي غور ڪريون * روزمره جي زندگي تي غور ڪريون، توهان کي هر جاءِ تي هي ڏسڻ ۾ ايندو ته ماڻهو وِڙهڻ ۽ جهيڙا ڪرڻ ۾ لڳل هوندا آهن * هن هِينئن ڪيو ته مان هِنيئن ڪندس * فلاڻي مون کي نه گهرايو ته مان به کيس نه گهرائيندس * پنهنجي دڪان تي ويهي پنهنجي دڪان تي توجهه ڏيڻ بدران ٻين جي باري ۾ بدگماني ڪندا رهندا آهن، اڄ گراهڪ (Customer) نه آيا آهن ڇوته فلاڻي جي نظر تمام خراب آهي، فلاڻو تعويذ ڪرائي ڇڏيندو آهي * فلاڻي جادو ڪرائي ڇڏيو آهي تنهنڪري گهر جو سُڪون برباد ٿي ويو آهي. اڙي ادا! جهيڙن جهَٽَن کي ڇڏي ڏيو! يقين ڪريو! جيترو وقت اسان ٻين کي جهُڪائڻ ۾ لڳائيندا آهيون، ان جو اڌ وقت به جيڪڏهن اسان پاڻ کي سنوارڻ تي لڳايون ته اسان ترقي ڪري سگهون ٿا.
پر حالتون اهڙيون آهن جو اسان پنهنجو سمورو وقت ٻين کي جهُڪائڻ ۾ لڳائي ڇڏيندا آهيون، پوءِ جڏهن اصل مقصد ۾ ناڪامي ٿيندي آهي ته بدشُگونيون ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ته * ڪاري ٻلي رستو ڪٽي وئي هئي، ان ڪري ڪامياب نه ٿيس * فلاڻي منحوس جو منهن ڏٺو هو، تنهنڪري ناڪامي ٿي.
اختلافن کي سلجھائڻ (يعني Conflict management) هڪ مڪمل مضمون (Subject) آهي، اسان کي اِهو سکڻ گهرجي، اختلافن کي بس وڌائيندو رهڻ،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami